شاهد خاقان عباسي جو ن ليگ ڇڏڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعطم شاهد خاقان عباسي ن ليگ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هو ن ليگ ڇڏڻ جو باقاعده اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان عباسي ن ليگ ڇڏڻ جو فيصلو تڪ جي ماڻهن جي مشاورت سان ڪيو آهي، هو پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ باقاعده پريس ڪانفرنس ذريعي ڪندو، تڪ وارن سان مشاورت ٿي رهي آهي ته پريس ڪانفرنس ڪڏهن ڪرڻي آهي.
ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اليڪشن کان اڳ پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.