مورو ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل

نوشھرو فيروز/ مورو (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو/ شاھنواز ڀٽي) مورو ڀرسان زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار وري ٻيھر ڀڙڪي پيو، فائرنگ سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا،  ڳوٺ دنبير ۾ زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين تان هلندڙ پراڻي تڪرار سبب هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر غلام نبي عرف ونجھو زرداري، قاسم زرداري قتل ٿي ويا، مقتولن جي ڌر جي ماڻهن به هٿيار کڻي ورتا، فائرنگ ۾ ٻي  ڌر جو ارشاد عرف بگو زرداري قتل ٿي ويو، ذريعن موجب فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو پڻ ٿي پيا آهن، ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، فائرنگ جو سلسلو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو، رينجرز ۽ پوليس به علائقي ۾ پهچي وئي، تعلقو مورو قبيلائي تڪرار سبب نوگو ايريا بڻجي ويو، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، مقتولن جي وارثن پاران لاش کڻڻ کان انڪار ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته قاتل گرفتار ٿيڻ تائين اسپتال مان لاش نه کڻنداسين، علائقي واسين موجب زرداري برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.