اسلام آباد (عوام آواز نيوز) لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي سبب چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو معاملو رولڙي جو شڪار ٿيندو نظر اچي رھيو آھي . نامياري صحافي عاسمه شيرازي جو چوڻ آھي ته اليڪش ڪميشن چونڊن لاءِ آر او ۽ ڊي آر اوز ڪامورا شاھي مان مقرر ڪيا جن سکيا جو عمل به شروع ڪيو ويو ھو پر لاھور ھاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي عمير نيازي جي درخواست تي ڪامورن کي آر او ۽ ڊي آر او مقرر ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آھي . عدالت جي اھڙي فيصلي بعد چونڊ شيدول جو اعلان نه ٿي سگھيو آھي . ان ڪري چونڊن جو مقرر وقت تي ٿيڻ ڏکيو ٿيندو نظر اچي رھيو آھي.