اسٽيبلشمينٽ خاموشي ۾ چونڊون چاهي ٿي، مقبوليت وارو کين قبول ناهي: تجزئي نگار

ڪراچي( ع آنيوز) تجزئي نگارن چيو آهي ته من پسند چونڊ نتيجن لاءِ خاموشي ۾ چونڊون ڪرائڻ جون ڪوششون پيون ٿين، جيئن ماڻهو  چونڊن دوران ٻاهر نه نڪرن يا گهٽ نڪرن. تجزيه نگار سلمان عابد ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته اها ڳالهه هاڻي ڳجهي نه رهي آهي ته ملڪ جي سياسي منظرنامي جي حوالي سان ڪنهن به وڏي فيصلي ۾ ملڪي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جو پاڪستان جي سياست ۾ ڪردار آهي. سعودي عرب، آمريڪا، چين، برطانيا ۽ قطر جهڙن ملڪن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. دفاعي تجزيه نگار فاروق حميد جو چوڻ آهي ته سائفر ۽ توشاخانا ڪيس جو فيصلو جلد اچڻ وارو آهي. پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان ۽ پارٽي اليڪشن جو به فيصلو اچڻ وارو آهي. قانون موجب اليڪشن شيڊول چونڊن کان 54 ڏينهن اڳ جاري ڪيو وڃي.”جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اليڪشن جو شيڊول جاري نه ٿي سگهيو ته پوءِ چونڊن جي حوالي سان غير يقيني صورتحال تمام گهڻي وڌي ويندي.  سينيئر صحافي خالد فاروقي چيو ته نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ اهو تاثر رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عدليه کيس غير معمولي رعايتون نه ڏئي رهي آهي، مٿس داخل ڪيس ڪوڙا آهن، هو اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو ناهي. خالد فاروقي موجب اڳواڻن تي اين آر او جهڙا داغ آسانيءَ سان نه ڌويا ويندا آهن. گجرات ۾ ناڪام جلسي سبب نواز شريف کي ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪرڻو پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.