سائفر ڪيس جي ڪارروائي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي

اسلام آباد ( م ڊ )  آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه  محمود قريشي خلاف ريفرنس ڪيس جي ڪارروائي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. عدالت ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته ڪيس جي ڪا به ڪارروائي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نشر نه ڪئي ويندي، ڪيس جي ڪارروائي کي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي جي هدايت ڪئي وئي آهي. جج ابوالحسنات ذوالقرنين پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا ڀڃڪڙي ٿيندي ته ان تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، پيمرا ۽ پي ٽي اي کي عدالتي حڪم جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڀڃڪڙي نه ٿئي. عدالت چيو ته پراسيڪيوشن جي ان ڪئميرا ٽرائل جي درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي، اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ شاهه محمود قريشي جا خاندان مشروط طور ٽرائل ۾ شريڪ ٿيندا. عدالت جي لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته شرط هوندو ته خاندان جا ماڻهو عدالتي ڪارروائي ڪٿي به بيان نه ڪندا، ٽرائل جي ڪارروائي دوران عوام پيش نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.