وياج شرح 22 سيڪڙو برقرار، مهانگائي اڃا به بلند ترين سطح تي آهي

ڪراچي( رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سود جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مهانگائي اڃا به بلند ترين سطح تي آهي. جاري  ڪيل پڌرائي موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وياج شرح برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ بهتري ۽ شين جي فراهمي سبب مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر گئس جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي توقع کان وڌي وئي آهي، صورتحال مهانگائي جي صورتحال تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. مهانگائي ۾ مرحلي وار گهٽتائي آئي پر گئس اگهن ۾ اندازي کان وڌيڪ واڌ مهانگائي ۾ واڌ آندي. نومبر ۾ مهانگائي ۾ 3.2 سيڪڙو واڌ ٿي، سال جي ڀيٽ ۾ 29.2 سيڪڙو تائين پهچي وئي. بيان موجب آءِ ايم ايف اسٽاف سطح تي معاهدو فنڊز جي وهڪري ۾ بهتري سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي بهتر بڻائيندو. مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ وچولي معاشي ترقي ڪميٽي جي اميدن جي مطابق هئي. ناڻي واڌ جي شرح آهستي آهستي هيٺ اچي رهي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي ايندڙ مالي سال جي آخر تائين مهانگائي جي شرح کي 5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف لاءِ مناسب آهي. موجوده اڪائونٽ بيلنس ۽ انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ پريميئم کي معمول تي آڻڻ جي حڪومتي قدمن سان پهچ جي وهڪري ۾ بهتري آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.