ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جو اجلاس، ڀاڻ کوٽ جو پڙاڏو، ميمبرن جو احتجاج

ميرپورخاص (رپورٽ: صالح اوٺو) ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين مير انور علي ٽالپر جي صدارت ۾ هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر رشيد مسعود پڻ شرڪت ڪئي. ان  موقعي تي ضلعي  ڪائونسلرن خادم بهراڻي، عبدالستار خاصخيلي، نور حسن چانڊيو، چوڌري نصير، غلام محمد مري، نجما لاشاري، مهراڻ لغاري ۽ ٻين اجلاس ۾ زراعت کاتي جي ڪامورن جي شريڪ نه ٿيڻ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اجلاس بابت اڳواٽ آگاهي ڏيڻ باوجود آبپاشي ۽ زراعت کاتي جو ڪو به ڪامورو اجلاس ۾ شريڪ ناهي ٿيو، جيڪو عمل سندن لاپرواهي ظاهر ڪري رهيو آهي نااهل ڪامورا پاڻ کي عوام جي چونڊيل نمائندن کان مٿاهون سمجهن ٿا هنن چيو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ زراعت کاتي ۽ بااثر ڀاڻ ڊيلرن جي ملي ڀڳت جي ڪري ڀاڻ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، آبادگار ڀاڻ جي هڪ هڪ ٻوري لاءِ دربدر آهن، پر انهن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته ڀاڻ جا ڊيلر ۽ ڪامورا پاڻ ۾ مليل آهن، جنهن ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڪوٽ غلام محمد ۾ ٽٽل پل مٿان گذرندي نوجوان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو.  ضلعي اندر هن وقت فصلن کي پاڻي جي سخت ضرورت آهي پر اجلاس ۾ نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جو به ذميوار عملدار شريڪ ناهي ٿيو، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال سميت مٺڙائو ڪئنال,جمڙائو ڪئنال ۽ ٿر ڪئنال جي ڪامورن جي باهلين ۽ ڪرپشن جي ڪري خاص طور پڇڙين ۽ ننڍا آبادگار پنهنجي حق جي پاڻي کان محروم آھن اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر چيو ته ڀاڻ جي کوٽ سبب آبادگارن تمام گهڻو پريشان آهن، جيڪڏهن فصلن کي گهربل ڀاڻ نه مليو ته ايڏي اپت نه لهندي، ان موقعي تي مير انور شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ معصوم نياڻي فاطما ڦرڙو جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ اجلاس ۾ قرارداد پيش ڪئي، جيڪا ايوان ۾ يڪراءِ طور منظور ڪري ٻنهي ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.