2023ع ۾ ماڻهن گوگل کان ڪهڙا سوال ڪيا؟

جڏهن ڪنهن سوال جو جواب ڄاڻڻو هجي، ڪجهه سکڻو هجي يا ڪا ڏکيائي هجي ته گھڻا ماڻهو هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا يا ڪيترائي ڀيرا گوگل جو رخ ڪندا آهن.
پر 2023ع ۾ پاڪستان ڪهڙن سوالن جا جواب ڄاڻڻ يا ڇا سکڻ لاءِ گوگل جو رخ ڪيو؟
ان جو جواب گوگو پاران 2023 جي مشهور ترين ٽرينڊنگ سرچز جي لسٽ ۾ ڏنو ويو آهي.
اها لسٽ گڏيل طور تي 8 ڪيٽيگريز تي ٻڌل آهي.
ڪرڪيٽ، ايونٽس/Occasions، خبرن، ريسيپيز، ٽي وي شوز، فلمون، ٽيڪنالاجي ۽ شخصيتن سان گڏوگڏ هائو ٽو کي به انهن ڪيٽيگريز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان ڪيٽيگري ۾ هائو ٽو لکي ڪري گوگل کان جن سوالن جا جواب حاصل ڪيا ويا يا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي ڪافي دلچسپ آهن.
ان ڪيٽيگري ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ بابت ڄاڻڻ لاءِ گوگل جو رخ ڪيو ويو هو واٽس ايپ جي نئين فيچر بابت آهي.
واٽس ايپ جو فيچر چينل ڪجهه عرصو اڳ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ پاڪستانين گوگل کان سڀ کان وڌيڪ سوال اهو ڪيو هو ته واٽس ايپ چينل ڪيئن بنائجي؟(How to create WhatsApp channel)۔
ٻئي نمبر تي جنهن سوال جو جواب ڄاڻڻ لاءِ پاڪستانين سڀ کان وڌيڪ گوگل جو رخ ڪيو اهو اِهو هو ته ڪينيڊين ويزا لاءِ ڪيئن اپلاءِ ڪجي؟(How to apply for Canada visa)۔
ان مان اشارو ملي ٿو ته گھڻا پاڪستاني ٻاهر منتقل ٿيڻ لاءِ ڪئناڊا کي ترجيح ڏيندا آهن.
ٽيو سوال ڪافي دلچسپ آهي ۽ اُهو اِهو آهي ته ميون کي گھڻي عرصي تائين ڪيئن تازو رکيو وڃي (How to make flowers last longer)۔
ان مان اندازو ٿئي ٿو ته پاڪستاني شهرين کي باغن سان گھڻي محبت آهي.
چوٿون سوال گھڻو عام آهي پر گوگل اڪائونٽس استعمال ڪندڙ گھڻا ماڻهو ان وقت ئي اهو سوال ڪندا آهن جڏهن اهي پنهنجي اڪائونٽ جو پاسورڊ وساري ويهندا آهن يا ڪنهن سبب جي ڪري ان تائين پهچي حاصل ناهن ڪري سگھندا.
اهو سوال آهي ته جي ميل اڪائونٽ کي ڪيئن رڪور ڪيو وڃي؟(How to recover Gmail account)۔
پنجين نمبر تي جنهن مسئلي جو حل ڄاڻڻ لاءِ گوگل کان مدد ورتي وئي ان کي پڙهي لڳي ٿو ته اهو عورتن گھڻو ڪيو هوندو.
اهو سوال اهو هو ته هٿن تيلڳل مهندي کي ڪيئن هٽايو وڃي؟ (How to remove mehndi from hands)۔
2023ع کي هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي جو سال قرار ڏنو وڃي ته غلط نه هوندو ڇو جو چيٽ جي پي ٽي ۽ ٻين ڪمپنين جي اي آءِ چيٽ بوٽس جو استعمال عام ٿي ويو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو گوگل جي هائو ٽو سرچز ۾ ڇهين نمبر تي چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪرڻ جو طريقڪار رهيو (How to use ChatGPT)۔
پيپسي ڪيو آر ڪوڊ کي ڪيئن اسڪين ڪيو وڃي (How to scan Pepsi QR code)، اهو سوال ان لسٽ ۾ ستين نمبر تي آهي.
ميٽرڪ جا نتيجا هر شاگرد ۽ شاگردياڻي لاءِ گھڻا اهم هوندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو اٺين نمبر تي جيڪو سوال موجود آهي اهو اهو آهي ته ميٽرڪ جي نتيجن کي ڪيئن چيڪ ڪيو وڃي (How to check matric result)۔
سنيپ چيٽ تي اي آءِ اسسٽنٽ کي ڪيئر حاصل ڪيو وڃي (How to get my AI on Snapchat)، اهو نائون مقبول ترين سوال رهيو.
آخر ۾ جيڪو سوال موجود آهي ان کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته ان سوال لاءِ رمضان جي مهيني دوران ماڻهن گوگل جو رخ ڪيو هوندو.
اهو سوال اِهو هو ته تراويح ڪيئن پڙهجي (How to pray Taraweeh)۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.