افغانستان کي شڪست ڏئي پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي آساني سان 83 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.
دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19 طرفان ڏنل 304 رنسن جي جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 48.4 اوورن ۾ 220 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
افغانستان طرفان نعمان شاهه 54، وفي الله ۽ دائود زئي 32-32 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان عبيد شاهه ۽ طيب عارف 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته خبيب خليل 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان 48 اوورن ۾ 303 رنسون ٺاهيون.
گرين شرٽس طرفان شاهزيب خان 79، شمائل حسين 75، رياض الله 73 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ايونٽ ۾ هيل تائين ناقابل شڪست آهي، پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس نيپال ۽ ٻي ميچ ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.