اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حج جي خواهشمند ماڻهن لاءِ سٺي خبر آهي ته حڪومت درخواستن جي وصولي جي تاريخ وڌائي ڇڏي.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج درخواستن جي وصولي ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڏني وئي، سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون 22 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.
ترجمان چيو ته ٻاهرين ملڪن مان ڊالرن ۾ ادائيگي ڪندڙ بنا ڪڻا ڪڍڻ جي ڪامياب ٿيندا، گذريل 5 سالن دوران حج ڪندڙ درخواست ڏيڻ جا اهل آهن.
هن چيو ته درخواستن جي وصولي جو مدو 10 ڏينهن وڌايو پيو وڃي، سرڪاري ريگيولر حج اسڪيم، اسپانسر شپ اسڪيم تحت درخواستن جي وصولي ڪئي ويندي.
You might also like