سنڌ ۽ بلوچستان جي واهپيدارن لاءِ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي تياري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن کانپوءِ سوئي سدرن گئس ڪمپني به گئس مهانگي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، گئس جي قيمت ۾ 226.18 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ گهري وئي آهي.
سنڌ ۽ بلوچستان جي واهپيدارن لاءِ به گئس مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي، سوئي ناردرن کانپوءِ سوئي سدرن به گئس مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.
درخواست ۾ گئس جي قيمت ۾ 226.18 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ گهري وئي آهي، سوئي سدرن جي گئس جي موجوده سراسري قيمت 1470 رپيا 21 پئسا آهي.
ڪمپني سراسري گئس قيمت 1696 پئسا مقرر ڪرڻ ۽ گئس جي اگهه ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2023 کان ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سوئي سدرن جو هلندڙ مالي سال 47 ارب 77 ڪروڙ رپيا روينيو شارٽ فال جو ڪاٿو آهي، بلوچستان ۾ روينيو شارٽ فال جو ڪاٿو 95 رپيا 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي.
ڪمپني ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاڳت جي مد ۾ 150 رپيا 67 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي درخواست ڪندي رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي فرق جي مد ۾ 40 رپيا 96 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ گهري آهي.
اوگرا سوئي سدرن جي درخواست تي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.