لکين بجلي واهپيدارن کي واڌو بل موڪلڻ جو اعتراف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاور ڊويزن لکين واهپيدارن کي واڌو بلنگ جو اعتراف ڪري ورتو.
پاور ڊويزن وڌيڪ بلنگ، خراب ميٽرن ۽ واهپيدارن جا سليب تبديل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پاور ڊويزن نيپرا جي جاچ تي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ ۾ 45 لک کان وڌيڪ واهپيدارن کي 31 ڏينهن کان وڌيڪ جا بل موڪليا ويا، انهن مان 40 لک واهپيدارن کي 32 کان 34 ڏينهن جا بل موڪليا ويا.
پاور ڊويزن 3 لک 81 هزار 510 خراب ميٽرن مان وڌيڪ بلنگ جو به اعتراف ڪيو، جولاءِ ۾ 45 لک 43 هزار 717 واهپيدارن کي وڌيڪ ڏينهن جا بل موڪليا ويا.
جولاءِ ۾ سليب جي تبديلي سان 8 لک 46 هزار 468 واهپيدار متاثر ٿيا، جولاءِ ۾ هڪ لک 98 هزار 166 واهپيدار پروٽيڪٽڊ مان نان پروٽيڪٽڊ ۾ هليا ويا، 11 هزار 276 لائف لائن مان نان لائف لائن ۾ هليا ويا.
آگسٽ ۾ 55 لک 74 هزار 275 واهپيدارن کي وڌيڪ ڏينهن جا بل موڪليا ويا، آگسٽ ۾ سليب جي تبديلي سان 8 لک 25 هزار 562 واهپيدار متاثر ٿيا، آگسٽ ۾ هڪ لک 13 هزار 879 واهپيدار پروٽيڪٽڊ مان نان پروٽيڪٽڊ ۾ هليا ويا، 6 هزار 217 واهپيدار لائف لائن مان نان لائف لائن ۾ هليا ويا.
پاور ڊويزن نيپرا ٽيم جي طريقي ڪار کي غلط ۽ غير اثرائتو قرار ڏيندي چيو ته نيپرا رپورٽ ۾ ڪوالٽي ڪنٽرول ۽ ڊيٽا پروسيسنگ جون غلطيون آهن، سيمپلنگ ڪندي نيپرا ٽيم جانبداري جو مظاهرو ڪيو، بجلي ڪمپنين جي آپريشنل ڏکيائين کي نظر ۾ نه رکيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.