نياڻين جي تعليم ۽ سنڌ ۾ شعور کي چٿڻ لاءِ هراسمنٽ جا نوان حربا استعمال ڪرڻ جا ۽ انتظاميه جي بي حسي ۽ لاچاري ظاهر ڪرڻ جا پيرا آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ مان ڪاليج ۾ آءِ، آر جي ليڪچرار ۽ انتظاميه ڪاميٽي جي ميمبر رهي چڪي آهيان، پنهنجي تجربي مطابق يقين سان چئي سگهان ٿي ته جيڪڏهن انتظاميه سخت پابندي ۽ نظرداري ڪري ماحول کي ڪنٽرول ڪري ته ڪوبه اهڙو دل ڏکائيندڙ واقعو نٿو ٿي سگهي.
انهيءَ ڳالهه کان ڪو انڪار ناهي ته اسانجي سماج ۾ مائٽن جي غير ضروري ريتن رسمن جي پوئواري نه ڪندي، ڇوڪريون بغاوت ڪن ٿيون پر اها به حقيقت آهي ته انهيءَ منزل تي پهچائڻ وارا والدين به ڪيترين مشڪلاتن پريشانين معاشي مجبورين ۽ ڪنهن حد تائين خاندان کان بغاوت ڪندي پنهنجي نياڻين کي وڏن ڪاليجن، يونيورسٽين، ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جي اجازت ڏين ٿا. ڏسجي ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختون خواهه ۾ جتي قبائلي نظام وانگر ريتن رسمن جي جڪڙ ۾ نياڻين جي تعليم کي معيوب سمجهيو ويندو هو، هاڻي اتي نياڻيون نه رڳو تعليم حاصل ڪري استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، پائليٽ، سياستدان، سماج سڌارڪ، فوجي ۽ پوليس اهلڪار بڻجي ڏيکارين ٿيون پر ڪارڪردگي ۾ به ڪنهن حوالي سان مردن کان پوئتي نه ٿيون رهن.
ماضيءَ ۾ بهادر عورت جي ڪارنامي کي ڏسي مرد سان مشابهت جو مثال ڏنو ويندو هو ته صفا ڄڻ ”مرد ماڻهو“ هجي. حالانڪ عورت جي ماءُ ٿيڻ واري صلاحيت ئي پنهنجي جوهر ۾ هماليه جهڙو حوصلو رکي ٿي. بهرحال پدر شاهي نظام ۾ عورت کي مٿانهون تسليم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن ته ڌرتيءَ کي ماءُ چوڻ واري مشابهت به عورت ڪري انکي بخشي وئي آهي. ڏاڍو ڏکيو آهي هزارين سالن کان ذهني ۽ جسماني قيد عورت جي آزادي ۽ خود مختياري کي تسليم ڪرڻ. انهيءَ ڪري اندازو ڪري سگهجي ٿو ته روزانو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اندر ٿيندڙ شاگردياڻين جي پراسرار موتن جا واقعا ڪهڙي مجبوري ۾ ٿين ٿا. انهن واقعن جا ذميوار ڪاليج يونيورسٽي جي هاسٽل جي گيٽ جي چوڪيدار کان وٺي هاسٽل جي وارڊن، انتظاميه آهي. جيڪا سندن غفلت چئجي يا نااهلي، يا وري ملي ڀڳت، ڪا دشمني به ٿي سگهي ٿي.
سماجي هراسمنٽ جو ڪارڻ اهو آهي ته جيئن نياڻين کي وڌيڪ پڙهڻ جا موقعا نه ملن، مائٽ خوف هراس ڪري نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائين ته اڪثر ڇوڪريون ابيوز ٿي وينديون آهن ناداني جي اهڙن فيصلن ۾ اڪثر نقصان وري به ڇوڪرين (عورت ذات) جو ٿيندو آهي.
اهي واقعا سماج ۾ اڳتي پڙهڻ وارين نياڻين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا.اسان وٽ تمام گهٽ نياڻيون هونديون آهن جيڪي مقابلو ڪري سماجي برائي کي ظاهر ڪنديون آهن چاهي هنن جو ڪيترو به نقصان ٿئي، جيئن نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج جي بهادر نياڻي فرزانه جماليءَ سماجي روايتن جي پرواهه نه ڪندي تعليمي اداري ۾ ٿيندڙ غير انساني غير اخلاقي عمل کي ظاهر ڪندي ڪورٽ تائين استحصال ۽ مرد طرفان مقدس رشتن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ کي وائکو ڪيو پر هر نياڻي ايئن آواز نٿي اٿاري سگهي ۽ پوءِ انهن جا ٽنگيل لاش هاسٽلن جي ڪمرن مان ملندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا خدشا به ظاهر ٿيا آهن ته شاگردياڻين جي آپگهاتن وارن واقعن ۾ عملي مان ڪو نه ڪو ضرور ملوث هوندو آهي. اهڙي صورت ۾ وري به آخري ذميداري انتظاميا جي هوندي آهي. مائٽن جي تربيت ۽ سڀ کان وڌيڪ خود نياڻيءَ جو پنهنجي پاڻ تي اعتماد ۽ ڀروسو قائم دائم رکڻ پڻ ضروري آهي. ڪيترن واقعن جو ذڪر ڪجي. هر واقعي جي پويان هڪ مبهم راز ته ٻيو ظاهري طور نظر ايندڙ پر قانوني طور جيستائين واقعي جي جاچ ڪري فيصلو نه ڪيو ويندو ته تيستائين اهڙا واقعا واچوڙي وانگر خطرناڪ لهر ۾ ڪيتريون جانيون ضايع ڪندا رهندا.
اهڙيءَ طرح خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي سنيا ڪيسواڻي جي پراسرار موت جو واقعو هاڻي ظاهر ٿيو آهي جيڪا ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ پڙهي رهي هئي. هن ميڊيڪل جي پهرين سال ۽ پهرين ڏينهن ڪتاب کڻي ڪيترا ته خواب ڏٺا هوندا ۽ ميڊيڪل جهڙي ڏکي پڙهائي کي ڪيئن پار ڪندي رهي. تنهن جي کيس ئي خبر هوندي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جان بچائڻ واري پيشي جي شاگردياڻي ايترو جلد ڪيئن پنهنجي جان ختم ڪري سگهي ٿي. يا وري کيس دل جي تڪليف ٿئي ٿي ته هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين کان هاسٽل چارجز ورتا ويندا آهن. اهڙي صورت ۾ ڊاڪٽر ۽ سٺي ڊسپنسري جو مناسب انتظام ڇو ڪونهي. جڏهن هاسٽل جي گيٽ کان شاگردياڻي داخل ٿئي ٿي ته مائٽن سان ملڻ جو وقت ۽ ڏينهن هوندو آهي باقي هنن جي جاني حفاظت جو ذمو يونيورسٽي جي هاسٽل انتظاميه جي هوندي آهي پرائمري جي ٻار کي به تحفظ جو سبق پڙهايو ويندو آهي پر هنن هيڏن وڏن ادارن ۾ تحفظ جا انتظام ڇو کلي آسمان ۾ بيٺل ڪنهن ويڳاڻي بي يارو مددگار وانگر نظر اچن ٿا. سچ چيو آهي ته ڏاهن ته جڏهن سماج ۾ عورت قلم کي هٿيار ڪري کنيو ته انهيءَ ڏينهن چور دروازن کان حملا فرسوده جاگيردارنه، سرمائيدارنه، سردري نظام جي خاتمي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. سنڌ ته اها ڌرتي آهي جتي نياڻين جي لوئي لڄ جو ڀرم رکندي خون جا ڪيس به خاندان برادريءَ جي فيصلي ۾ معاف ڪيا ويندا آهن.
اڄ اجرڪ ٽوپي جو تهوار ملهائيندي پنهنجي ڌرتيءَ جي هزارها سالن جي تاريخي تهذيبي ثقافتي سڃاڻپ رکي زندهه رکڻ لاءِ خوشيءَ جو اظهار ڪري پوري دنيا کي ڏيکاريو وڃي ٿو ته سنڌي قوم پنهنجي هزارها سالن جي سڃاڻپ ختم نه ڪري سگهي آهي. انهيءَ هڪ ڏينهن جي سڃاڻپ ته قوم جي قدر جو مان مٿانهون ٿي ڪري پر نياڻين جا مليل هي لاش ۽ سندن غير محفوظ هئڻ جي ثبوت کي ڇا هي اهي نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي مقدس قدر ۽ هستيءَ ۾ خون معاف ڪرائي قاتل جي زندگي بخش ڪري خاندان بچائينديون هيون. هن وقت اها نياڻي بي درديءَ سان قتل ٿئي ٿي روڊ، رستن، گهرن اندر ڪاري ڪري ماري بغير لباس يا ليڙون ليڙون ٿي خون سان ڀريل لاش نظر اچن ته پوءِ اسانجي اجرڪ جهڙي مقدس سڃاڻپ پڻ سواليه نشان بڻجي وڃي ٿي.
ڪٿي ائين ته ناهي عورت جي آزادي ۽ جرئت کي نه برداشت ڪندي اهڙي هراسمنٽ پيدا ڪئي ٿي وڃي ته جيئن عورت خوف ۾ مبتلا ٿي تعليم کان محروم رهجي وڃي ۽ عورت واپس انهيءَ ڀت جي ٽنڊڻ واري حيثيت ۾ گهر کان ٻاهر قدم نه رکي. پر سمجهڻ گهرجي ته اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ جڏهن دنيا گلوبل وليج ٺهي وئي آهي ته اهي پراڻي دور جا قلعا، ڪوٽ پاڻمرادو ختم ٿي انساني رشتن جا قدر ۽ سڃاڻپ جديد ٽيڪنالوجي ڏي وٺي وڃي رهي آهي. جتي عورت آزادي ۽ خودمختياري جي علمبردار تي شعور تحت انهن نامناسب هربن ۽ روين جو مقابلو ڪري ڏيکاريندي.
سنيا ڪيسواڻي جي موت جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن انهن کي قانوني جاچ ذريعي ئي بي نقاب ڪري سگهجي ٿو. اها جاچ ئي برائي جو خاتمو ڪندي ۽ شڪ شبها ختم ڪندي.
ڪٿي ائين ته ناهي عورت جي آزادي ۽ جرئت کي نه برداشت ڪندي اهڙي هراسمنٽ پيدا ڪئي ٿي وڃي ته جيئن عورت خوف ۾ مبتلا ٿي تعليم کان محروم رهجي وڃي ۽ عورت واپس انهيءَ ڀت جي ٽنڊڻ واري حيثيت ۾ گهر کان ٻاهر قدم نه رکي.