عام چونڊون: ”پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا“

تحرير: مجاهد چنا

عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي پراڻا شڪاري، ڀوتار، وڏيرا هڪ ڀيرو وري سرگرم ٿي ويا آهن. سالن کان رهيل تعزيتون ڪرڻ سان گڏو گڏ تڪ جي عوام کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرڻ جا جتن ۽ نوان سبز باغ ڏيکاري رهيا آهن ۽ اسان وارا سٻاجهڙا سنڌي وري هڪ ڀيرو وري انهن جي ڄار ۾ ڦاسڻ پيا وڃن. چوڻي آهي ”جيڪو هڪ ڀيري ڪنهن کان ڏنگجي ته وري اُتان نه لنگهي“  مطلب اهو ته بار بار آزمايل کي ٻيهر نه آزمائجي. جيتوڻيڪ 08 فيبروري تي عام چونڊن جي اعلان باوجود اڃان تائين چونڊ شيڊول جو اعلان نه ٿيڻ ڪري به عوام۾ چونڊن جي مقرر وقت تي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو بحث هلي رهيو آهي.

تازو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو اهو بيان ته ٻن صوبن ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي،چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ ان تي گهرو وزير جو ساٿ ڏيندي اهو چوڻ ته حالتون واقعي چئلينج آهن، تنهن ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.هن کان اڳ ۾ اڳوڻي صدر پ پ سربراهه آصف زرداريءَ قومي حڪومت جو پڻ اشارو ڏئي چڪو آهي.پي ڊي ايم حڪومت ۾ هڪ ئي ٿالهي ۾ 16 مهينا گڏ کائيندڙ (ن) ليگ ۽ پ پ اڳواڻن جي چونڊن کان اڳ  ئي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو پڻ تيز ٿي ويو آهي جنهن تي عوام ۽ سياسي ڌُريون تعجب جو اظهار ڪري رهيون آهن ڇو ته ميثاق جمهوريت کان وٺي اقتدار جي واري وٽي کان هڪٻئي جي سهولتڪاري تائين ٻئي پارٽيون ماضي ۾ هڪ ٻئي کي سهارو ڏينديون رهيون آهن. پ پ جو بلاول زرداري هجي يا ان وقت جو وزيراعظم شهباز شريف ايترا پرڏيهي دورا ڪيا جو ماضي ۾ شايد انهن ايتري عرصي ۾ دورا ڪيا هجن، نه صرف اهو ته 16 مهينن جي جهازي ڪابينه ۾ پڻ ٻنهي پارٽين جو لائو لشڪر شامل هو. مزي جي ڳالهه وري اها ته بلاول زرداري جي ن ليگ خلاف بيان بازي تي سندس والد آصف علي زرداري مداخلت ڪندي چيو آهي ته “ بلاول اڃان ٻار ۽ ناتجربيڪار آهي” ان بيان بلاول کي نه رڳو چيڙائي ڇڏيو بلڪه ناتجربيڪار چئي ڄڻ ته بلاول جي مستقبل ۾ وزيراعظم ٿيڻ جو پتو ڪٽجي ويو آهي. بلاول جو اهو پڻ چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ فضل الرحمٰن بزرگ اڳواڻ آهن اُهي هاڻي گهر ويهي الله الله ڪن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم حڪومت ۾ اتحادين جو ڌيان ذاتي دشمني تي هو.

ان کان اڳ ۾ هڪ ٻيو اهم اتحادي بلوچستان نيشنل پارٽي جو اڳواڻ سردار اختر مينگل پڻ چئي چڪو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪجهه نه ڪيو صرف پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۾ رُڌل رهي. نواز شريف جي واپسي متعلق تبصرو ڪندي سندس چوڻ هو ته هن ملڪ جي اها وڏي بدقسمتي آهي جو فيصلا ڪڏهن به عوام نٿو ڪري جنهن انداز ۾ هو واپس وريو آهي ان تي سوال اُٿي رهيا آهن ته ڇا هو هڪ سال پهريون نه پيو اچي سگهي؟ چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي نواز شريف جي واپسي خود هڪ وڏو سواليه نشان آهي. اهڙي طرح پي ڊي ايم جي16 مهينن واري حڪومت سڀ کان وڏي قرض، مهانگائي جا پڻ رڪارڊ قائم ڪيا آهن. پ پ ۽ نواز ليگ هڪٻئي خلاف هوائي فائرنگ کي عوام ٽوپي ڊرامو قرار ڏئي ٿو.

جڏهن ته ڪي تجزيه نگار ان سڄي صورتحال کي دبئي اسڪرپٽ پڻ قرار ڏئي رهيا آهن. مول متا طئي ۽ ڪنهن کي ڪٿي فٽ ٿيڻو آهي اهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي فائنل ٿي چڪو آهي. مڪمل خاطري ملڻ کان پوءِ ئي ته “ لاڏلو” قرار ڏنل اڳواڻ دهل ڌمامن سان ڏيهه پهتو آهي اها الڳ ڳالهه آهي ته جن جي هٿ ۾ ملڪ جون واڳون آهن انهن وٽ هڪ کان وڌيڪ پلان هوندا آهن، پرالله وٽ به هڪ پلان ضرور هوندو آهي. جنهن کي چاهي عزت ۽ زلت ڏي. اهڙي طرح هڪ اڳوڻو وفاقي وزير محمد علي دراني قومي حڪومت جوڙڻ لاءِ پڻ مختلف سياسي ڌرين سان رابطو ڪري رهيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو وري  چوڻ آهي ته “ جيڪڏهن نواز شريف کي ئي وزيراعظم بڻائڻو آهي ته پوءِ چونڊون ڇا لاءِ؟ اجايو قوم جا اربين روپيا چونڊن تي ٿا خرچ ڪريو! هن وقت چونڊن لاءِ ڪنهن به ريت ماحول منصفاڻو ناهي، نواز شريف جي وزارت اعظمى جو نوٽيفڪيشن واچ ڊاگ وانگر جاري ڪريو.اڳوڻو وزيراعظم توڙي نواز ليگ جي سموري قيادت اها هام پئي هڻي ته هينئر جيڪڏهن عوام ن ليگ کي موقعو ڏنو ته ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏينداسين، وري ساڳي ڳالهه پ پ ۽ سندس اتحادي ڪري رهيا آهن.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ ڪيترائي ڀيرا وڏو وزير رهڻ جي باوجود جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهيا سي هاڻي عوام لاءِ ڇا ڪندا؟ ساڳيو سوال لاڳيتو 15 سالن تائين سنڌ ۾ اقتدار جا مزا ماڻيندڙ پ پ قيادت کان به آهي. جنهن عوام جا اهنج ختم ۽ گڊ گورننس قائم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رهيو، پر سنڌ جي سڃاڻ ئي ڪرپشن ۽ ڪميشن ۽ ڌاڙيل راڄ ڪري ڇڏي. “ سسٽم” ذريعي سنڌ جا سمورا شعبا تباهه ۽ سنڌ جو عوام تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي سميت زندگي جي بنيادي سهولتن کان به محروم آهي.  سنڌ ۾ ٻوڏ دوران عوام کي هٿ سان ٻوڙيو ويو ڪيترائي شهر ويران ٿي ويا، متاثرن جي نالي تي سڄي دنيا مان امداد آئي الائي ڪيڏانهن وئي، سامان دڪانن تي وڪرو ٿيندو رهيو، پر متاثرن کي نه ڏنو ويو. هاڻي به متاثر دربدر آهن، ڏيڍ سال گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثرن کي ورلڊ بينڪ جي تعاون سان 21 لک گهر ٺاهي ڏيڻ واري رٿا کي مڪمل ناهي ڪيو ويو.

چونڊن کان اڳ ۾ اقتدار جو سڻڀو پاسي وٺڻ يا “ مقتدر ادارن” جي اشارن تي پارٽيون بدلائڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. ڪالهه هڪٻئي کي قاتل، ڪرپٽ، چور، عوام دشمن چوڻ وارا اڄ ذاتي مفادن خاطر گڏجي رهيا آهن. اڳ ۾ سياست عوام توڙي ملڪ جي خدمت جو نالو هو، سياست ۾ اصولن ۽ نظريي کي خاص اهميت حاصل هوندي هئي، پر هاڻي سڀ ڪجهه ڌوڙ ٿي ويو آهي، بس مقصد هر حال ۾ ڪُرسي حاصل ڪرڻ آهي پوءِ ان جي اوٽ ۾ ڦرمار جا سڀئي رڪارڊ قائم ڪرڻا آهن. عوام کي به هن ڀيري ٿوري جُرئت ۽ همت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي جن کي بار بار ووٽ ڏئي اقتداري ايوانن تائين پهچايو تن کي ٻيهر ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙ ٽولي کان عوام توڙي سنڌ جي خدمت جي تفصيل ضرور وٺي، ڇو ته اهي هر ڀيري عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ نوان نوان سبز باغ ڏيکاريندا آهن. چونڊجي وڃڻ کان پوءِ پورا پنج سال صفا ظاهر ئي ڪونه ٿيندا آهن، پر چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي ميدان ۾ نڪري پوندا آهن، پراڻن تعزيتن کان وٺي عيادتن ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بقول انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي جي:

خبردار هاري جو ڀوتار آيا،

پراڻا شڪاري کڻي  ڄار آيا.

عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي پراڻا شڪاري، ڀوتار، وڏيرا هڪ ڀيرو وري سرگرم ٿي ويا آهن. سالن کان رهيل تعزيتون ڪرڻ سان گڏو گڏ تڪ جي عوام کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرڻ جا جتن ۽ نوان سبز باغ ڏيکاري رهيا آهن ۽ اسان وارا سٻاجهڙا سنڌي وري هڪ ڀيرو وري انهن جي ڄار ۾ ڦاسڻ پيا وڃن. چوڻي آهي ”جيڪو هڪ ڀيري ڪنهن کان ڏنگجي ته وري اُتان نه لنگهي“  مطلب اهو ته بار بار آزمايل کي ٻيهر نه آزمائجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.