73 سالن کان وٺي ملڪ ۾ هڪ عجيب رواج قائم آهي. ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين اڻ سڌريل سياستدان ملڪ جي عوام کي سڌارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. عوام ته سڌري ويو آهي پر عوام جا استاد بڻيل سياستدان نه سڌري سگهيا آهن. ملڪ جا اڪثر سياستدان پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي اقتدار ۾ هڪ هئا. هاڻي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان تنقيد ڪري رهيا آهن. سياستدان الزام عوام تي هڻندا آهن ته عوام جيڪڏهن سڌريل هجي ته هوند ملڪ به خوشحال ٿي وڃي.
پر ڏسڻو اهو آهي ته ملڪ کي عوام ڪونه هلائيندو آهي. ملڪ کي هلائڻ وارا سياستدان ئي هوندا آهن ته پوءِ عوام تي اڻ سڌريل هجڻ وارو الزام ڇو ٿو لڳايو وڃي؟ عوام جيڪڏهن ننڍيون ننڍيون غلطيون ڪري ٿو ته ان مٿان وڏا وڏا ڏنڊ لڳايا وڃن ٿا. ۽ وڏيون وڏيون سزائون ٻڌايون وڃن ٿيون. قانون به هميشه غريب لاءِ ئي جڙيو آهي. وڏن ماڻهن لاءِ قانون ڪٿي هوندو آهي؟ هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪيل ڍڪيل ناهي ته اسين سڀ هڪ اهڙي معاشري سان وابسطه آهيون. جتي دولت مندن ۽ طاقتورن لاءِ هڪ الڳ قانون موجود آهي. عام ماڻهوءَ مٿان جيڪڏهن ٿاڻي تي اين سي داخل ٿئي ٿي ته ماڻهو پريشان حال ٿي ويندو آهي پر طاقتور کي ايف آءِ آر به ڪجهه نه ڪري سگهندي آ.
پاڪستان جي حالت ڪنهن به طرف کان سڌري ڪونه سگهي آ. هڪ طرف عوام مهنگائي جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ادارن ۾ ويٺلن جي ڪرپشن جا خرچ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس ناهي. 30 هزار پگهار کڻندڙ ملازم 284 ۾ ليٽر پيٽرول وٺي رهيو آهي. پر جيڪو آفيسر هڪ لک کان مٿي پگهار کڻي ٿو ته اهو مفت جو پيٽرول استعمال ڪري رهيو آهي ڏهاڙي دار طبقو ته مهانگي سبب بجلي ۽ گئس استعمال ڪري رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته آفيسرن کي مليل مراعتون انهن کان واپس وٺي غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي. پر اها صرف هڪ خام خيالي آهي. اهڙو مطالبو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر هوندو. هڪ رٽائرڊ چيف جسٽس صاحب ته پنهنجي رٽائرمينٽ وٺڻ کان اڳ ئي پنهنجي لاءِ مراعتون وٺي ڇڏيون هيون. هڪ طرف صاحب ڊيم لاءِ وڏي رقم گڏ ڪري رهيو هيو ته ٻئي طرف قوم کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو ته جيڪڏهن اسان کي پنهنجن نسلن جو مستقبل پائيدار ۽ محفوظ ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي ڊيم ٺاهڻا پوندا ۽ ملڪ ۾ نوان پاڻي جا ذخيرا به ٺاهڻا پوندا. ڪروڙين ڊالر جمع ٿيا. پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه اهي ڪاريءَ وارا ڪک. صرف عوام کي هڪ ڌوکو ڏيڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو. رٽائرمنٽ کان پوءِ سندس 16 گريڊ جو سرڪاري سيڪريٽري پڻ ڏنو ويو آهي. نواز شريف به ڪافي سال اڳ اهڙو ئي نعرو ڏنو هيو. ملڪ سنواريو قرض لاهيو. پوءِ ڇا ملڪ مٿان مڙهيل قرض لهي ويو؟ بلڪل نه! اهو جج صاحب اڄ به 10 لک ماهوار پينش وٺي ٿو. بجلي جا 2000 يونٽ مفت، 300 ليٽر ماهوار پيٽرول استعمال ڪري ٿو. اهي ته هڪ رٽائرڊ جج کي ملندڙ مراعتون آهن. پر اندازو ڪريو ته اهڙا ڪيترائي صاحب موصوف آهن جيڪي ماهوار ڪروڙين روپيه مراعتون وٺن ٿا. چيئرمين سينيٽ جو مثال اسان جي سامهون آهي. ان کي رٽائرمنٽ وٺڻ کان پهريان ڪروڙين جون مراعتون به منظور ڪيون ويون آهن. هي آهي معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل پاڪستان. پنجاب ۾ بيورو ڪريسي لاءِ ٽن اربن روپين جون نيون گاڏيون خريد ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن هڪ ٻه سال پراڻيون گاڏيون استعمال ڪيون وڃن ها ته ڇا انهن آفيسرن جو وزن گهٽجي وڃي ها؟ حالانڪ بهترين حالتن ۾ پهريان به گاڏيون موجود هيون. ڏٺو وڃي ته سنڌ جا آفيسر ۽ بيورو ڪريسي اهي ئي حڪومت ۾ ورتل گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت بيوروڪريسي لاءِ ڪابه گاڏي نئي ناهي ورتي. پاڪستان ملڪ جي بدقسمتي اها آهي ته هتي قانون ۽ آئين تي سواءِ عوام جي باقي سياستدان عمل ناهن ڪندا. بلڪه قانون تي ۽ آئين تي عمل ڪرڻ جو پاڪستان ۾ رواج ئي ڪونهي. ڪجهه آفيسر سٺا به آهن ڪجهه خراب به. جيڪي ساحلن سان بهتر ۽ خراب روويو روا رکن ٿا. سياستدانن بابت ٻڌايو ويندو آهي ته ڦلاڻو سياستدان عوام جو هڏڏوکي آهي. پر سڀ به هڪ جهڙا ڪونه هوندا آهن. ڪجهه سٺا به سياستدان هن ملڪ ۽ علائقن ۾ موجود آهن. پر ماضيءَ جي مقابلي ۾ هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. عوام به سياستدانن کان وڌيڪ ذهني ۽ هوشيار ٿي چڪو آهي. پهريان سياستدان عوام کي شعوري طور بيوقوف بڻائيندا هئا ۽ هاڻي عوام سياستدانن کي راند کيڏائي ٿو. ان جي باوجود به اسان جا حڪمران پنهنجي سياسي نشي ۾ ڌٿ هوندا آهن. ان صورتحال کي ڏسندي خود فريبي کان سواءِ ٻيو ڪوبه لقب نه ٿو ڏيئي سگهجي. طاقت جي پنهنجي زبان هوندي آهي. جنهن جي هوندي اصل صورتحال ختم ٿي ويندي آهي. خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته سياستدان ۽ عوام وچ ۾ فاصلا ايتري حد تائين وڌي ويا آهن جو انهن کي پار ڪرڻ به تمام وڏو مشڪل آهي. هميشه پاڪستان ۾ ايئن ٿيندو رهيو آهي ته سياستدان ملڪي خزاني مان اڻ ڳڻيا فائدا حاصل ڪندا رهن ۽ عوام انهن فائدن کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجو خون پسينو وهائيندو رهي. آخرڪار اها راند ڪيستائين جاري رهندي؟ ۽ هميشه ائين ٿيندو آيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. عوام جو استحصال ٿيندو رهندو. ڇا هاڻي واقعي عوام حڪمرانن جي ڪنهن به ڳالهه تي ۽ واعدي تي اعتبار نٿو ڪري؟ اڄ جيڪڏهن سڀ ملي ڪري هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ کي زير دست آڻڻ لاءِ جيترو ٽارچر ڏنو وڃي ٿو اوترو ئي ان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهو عوام جو پي ڊي ايم جي 16 مهينن ۾ اقتدار جا مزا ماڻيندڙن خلاف نفرت جو هڪ اظهار آهي. هاڻي سياسي پارٽيون جيڪو پنهنجو منشور عوام آڏو رکن ٿيون. عوام ڪاوڙ وچان ان کي ٿڏي ٿو. پنجاب ۾ عوامي رد عمل خراب اچي رهيو آهي. اهو زمانو گذري ويو جڏهن ماڻهن کي ڪابه خبر نه هوندي هئي. اڄ هر ماڻهو سياڻو ۽ سياستدان لڳو پيو آهي. هاڻي عوام سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. عوام اهو به ڄاڻي ٿو ته سياستدان اليڪشن جي ڏينهن ۾ لولي پاپ ڪيئن ڏيندا آهن؟
هن وقت خراب صورتحال جو سبب ملڪ ۾ وڌيل مهانگائي آهي. عوام روز مره جي زندگي به ڏاڍي تڪليف ۽ ڏکي گذاري ٿو ۽ حڪمران ۽ سياستدان عوام کي دلي آسرو ڏيندي چون ٿا ته عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ منصوبا جوڙي رهيا آهيون. يا جوڙي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ملڪ جي مفاد خاطر ڪو ڪم ڪيو وڃي ها ته اڄ ملڪ جي هي حالت نه هجي ها جو پوري دنيا ۾ پاڪستان کي حقارت جي نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. اهو به سچ آهي ته ظلم ۽ صبر وسيلي وقتي طور آواز کي دٻائي سگهجي ٿو. پر هڪ ڏينهن ڪمزورن ۽ هيڻن جو آواز به طاقتور ٿيڻو آهي. ڪنهن به مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي اشرافيا ۽ سياستدانن کي پنهنجي محلاتن ۾ وڃڻ لاءِ هر وقت آمريڪا، دبئي، ۽ لنڊن وڃڻ لاءِ جهاز جون ٽيڪٽون سندن کيسي ۾ هونديون آهن. پاڪستان جا سياستدان ۽ اشرافيا بلڪل ائين آهن جيئن سائبريا جا پکي هوندا آهن. يعني اليڪشن جي ڏينهن ۾ پاڪستان اچي عوام کي جنتي خواب ڏيکاري انهن کان ووٽ وٺي پنج سال اقتدار جا مزا ماڻي ڪرپشن ڪري وري اڏام ڪري پاڪستان مان هليا ويندا آهن. پر سوال وري به ساڳيو ته عوام جو ڇا ٿيندو؟ سياستدانن ۽ حڪمرانن کي گهرجي ته عوام کي غنيمت سمجهيو وڃي ۽ عوام جي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ائين نه ٿئي جو عوام توهان جو گهيرو ڪري بيهي رهي. عوام جي غضب واري رد عمل کان به ڊڄو.
هن وقت ملڪ جي اشرافيا هڪ پاسي ۽ عوام ٻئي پاسي آهي. سڀ ملي ڪري به عوام جو موڊ تبديل نٿا ڪري سگهن. ان جو سبب هڪ ئي آهي ته سياستدانن پنهنجي دور اقتدار جي نشي ۾ عوام کي مايوس ئي ڪيو. ۽ عوام کي ڪجهه ڏئي نه سگهيا آهن.
سياستدانن ۽ حڪمرانن کي گهرجي ته عوام کي غنيمت سمجهيو وڃي ۽ عوام جي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ائين نه ٿئي جو عوام توهان جو گهيرو ڪري بيهي رهي. عوام جي غضب واري رد عمل کان به ڊڄو. هن وقت ملڪ جي اشرافيا هڪ پاسي ۽ عوام ٻئي پاسي آهي. سڀ ملي ڪري به عوام جو موڊ تبديل نٿا ڪري سگهن. ان جو سبب هڪ ئي آهي ته سياستدانن پنهنجي دور اقتدار جي نشي ۾ عوام کي مايوس ئي ڪيو. ۽ عوام کي ڪجهه ڏئي نه سگهيا آهن.