پنوعاقل:عوامي آواز جي رپورٽ تي تشدد وارو معاملو،عدالت پاڻمرادو ڪيس چالان ڪري ڇڏيو

پنوعاقل (نمائيندو عوامي آواز) پنوعاقل ۾ عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڊڙ ۽ ڪيمرا مين انور علي جتوئي مٿان تشدد ۽ تذليل واقعي جو عدالت پاڻمرادو ڪيس چالان ڪري ڇڏيو ۽ جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي.
ڪجهه مھينا اڳ رپورٽنگ دوران ڳوٺ در محمد ٿھيم ۾ جوابدارن پاران عوامي آواز ميڊيا گروپ جي تعلقه رپورٽر رستم انڍڙ ۽ ڪئميرامين انور علي جتوئي کي بااثر امجد ٿھيم ۽ ٻين پاران بنگلي تي يرغمال بڻائي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو ھو جنھن کان پوءِ اھڙي واقعي جو پنوعاقل سٽي ٿاڻي تي 9 جوابدارن تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو ۽ پوءِ بااثرن جي چوڻ تي آزاد ڪيو ويو هو۔
پوليس عدالت کان ڪيس چالان ڪرڻ لاءِ تاريخون وٺندي رھي ٽن مھينن کان وڌيڪ وقت گذرڻ کان پوءِ پنوعاقل ڪورٽ پاڻ مرادو ڪيس چالان ڪري ڇڏيو آهي ۽ تشدد ۾ ملوث جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي پر جوابدار بااثر ھجڻ ڪري پوليس جي پڪڙ کان آجا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.