حق مهر جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو وڏو فيصلو اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حق مهر جي حوالي سان سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عورت جڏهن به گهر ڪري مڙس حق مهر جي ادائيگي جو پابند هوندو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حق مهر جي حوالي سان فيصلو لکيو، جيڪو ٽن صفحن تي ٻڌل آهي.
حق مهر بابت عدالت چيو ته حق مهر شرعي گهر آهي، جنهن جو تحفظ ملڪي قانونن ۾ به موجود آهي، حق مهر ادائيگي جو وقت نڪاح نامي ۾ مقرر نه هجي ته به گهرواري ڪنهن به وقت پنهنجي مڙس کان گهر ڪري سگهي ٿي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته موجوده ڪيس ۾ گهرواري کي حق مهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرڻو پيو، جيڪو 6 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ پهتو، عدالتن غير ضروري اپيلون داخل ڪرڻ تي مڙس تي ڏنڊ لاڳو نه ڪيو، غير ضروري اپيلن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي ته ڳالهه هيستائين نه پهچي ها، غير ضروري اپيلون داخل ڪرڻ سان عدالتي نظام مفلوج ٿيندو پيو وڃي.
سپريم ڪورٽ زال کي حق مهر ۾ دير تي مڙس تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ خالد پرويز جي گهرواري ثمينه کي حق مهر جي ادائيگي جي حڪم خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.