شين واٽسن جي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ واپسي

اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن کي پاڪستان سپر ليگ فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي مالڪ نديم عمر، ٽيم ڊائريڪٽر معين خان ۽ ٽيم مئنيجمينٽ پي ايس ايل نائن لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن جون هيڊ ڪوچ طور خدمتون حاصل ڪري ورتيون.
شين واٽسن سرفراز احمد جي قيادت ۾ پي ايس ايل 4 جي فاتح ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيرز جو حصو رهي چڪو آهي، جڏهن ته هو رانديگر جي حيثيت سان ڪوئيٽا طرفان پي ايس ايل 3 ۽ 5 به کيڏي چڪو آهي.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي مالڪ نديم عمر چيو ته شين واٽسن ڪوئيٽا جي ڪامابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري ڪوچ طور سندس چونڊ بهترين آهي.
هن چيو مون کي اميد آهي ته واٽسن جي تجربي مان رانديگر فائدو کڻندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.