”پاڪستاني شهرين سان شادي ڪندڙ افغان پناهگيرن لاءِ رولز ۾ نرمي ڪرڻ گهرجي“

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستاني شهرين سان افغان پناهگيرن جي شادين بابت درخواستن تي لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار احمد 33 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستاني شهرين سان شادي ڪندڙ افغان پناهگيرن لاءِ رولز ۾ نرمي ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان اوريجن ڪارڊ لاءِ سموريون درخواستون جزوي طور تي منظور ڪيون وڃن ٿيون.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار پي او سي لاءِ لاڳاپيل فورم ۾ طريقي ڪار تحت درخواستون ڏنيون، افغان پناهگير چئن ڏهاڪن کان هتي رهي رهيا آهن، افغان پناهگيرن جي پي او سي لاءِ پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار نه ڏنو وڃي.
لکت فيصلي موجب عام حالتن ۾ پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ وٺڻ آسان هوندو آهي، چئن ڏهاڪن کان افغان پناهگير هتي رهي رهيا آهن، انهن لاءِ هڪ ڏکيو مرحلو آهي، انهن افغان پناهگيرن کي ضروري دستاويزن کانپوءِ پي او سي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، نادرا کي اختيار آهي ته اها درخواستگذارن کان تفصيل ۽ ثبوت گهري ۽ شادي ڪندڙ جوڙي ۾ مرد يا عورت پاڪستاني هجي ته نڪاح رجسٽرڊ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.
عدالتي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستاني افغان جوڙي جي ٻارن جي رجسٽريشن ۾ غير ضروري رنڊڪ نه وڌي وڃي، نادرا ڪليئرنس کانپوءِ ڪارڊ جاري ڪنداسين، جڏهن ته ڪليئرنس نه ٿيڻ تي نادرا درخواست رد ڪري درخواستگذار کي لکت طور آگاهه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.