حڪومت ۾ اچي بيروزگاري الائونس، اولڊ ايج الائونس، زرعي صنعتي انقلاب آڻينداسين: سراج الحق

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته 8 فيبروري سياسي سموگ ختم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اهي حڪمران پارٽيون فوجي ڇانوڻين ۾ وڌيون ۽ قوم جا 40 سال ضايع ڪيا، انهن سياسي پارٽين  ۽ جنرلن جي حڪومتن پاڪستان جي آزادي، خودمختياري، قومي سلامتي، مهانگائي، بيروزگاري، معيشت جي تباهي، لاقانونيت، غربت ۾ واڌارو ڪيو. انهن حڪومتن سان ٻه پاڪستان وجود ۾ آيا، هڪ غريب جو ۽ ٻيو مراعات يافته اشرافيه جو، 76 سالن ۾ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت ۽ قرآن و سنت جو نظام نظر نه آيو، هن چيو ته تازو ئي فلسطين تي اسرائيل جي ظالمانه ڪاررواين سبب 16 هزار عورتون، مرد ۽ ٻار شهيد ٿيا پر ان جي باوجود 58 اسلامي ملڪن جا حڪمران ان ظلم تي خاموش تماشائي بڻيل آهن.  پشاور ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته  اڄ ملڪ ۾ معيشت جي امن امان جي صورتحال خراب آهي، انصاف صرف اميرن کي ملي ٿو.  400 ماڻهن جي قتل جو ملزم به عدالت ۾ وي آءِ پي بڻجي اچي ٿو ۽ فتح جو نشانو بڻائي ٿو.اڄ ملڪ ۾ معيشت خراب آهي، امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، سراج الحق چيو ته ماڻهو پڇن ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ جماعت اسلامي ڪنهن سان اتحاد ڪندي، اسان چئون ٿا ته اسان جو اتحاد عوام سان هوندو، پاناما ليڪس، قومي خزاني کي لٽيندڙ، قرض معاف ڪرائڻ ۽ غبن ڪندڙن، پي آءِ اي سان ڪيئن؟ ڇا اسٽيل ملز سميت قومي ادارن کي تباهه ڪرڻ وارن سان اتحاد ڪري سگهون ٿا؟  هاڻي قوم وٽ جماعت اسلامي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، پاڪستان ۾ برابري جو تعليمي نظام ڏينداسين، بيروزگار نوجوانن کي روزگار نه ملڻ تائين بيروزگاري الائونس، بزرگ شهرين لاءِ اولڊ ايج الائونس، وي آءِ پي ڪلچر جو خاتمو، عوام لاءِ سرڪاري پئسو.  ملڪ ۾ زرعي ۽ صنعتي انقلاب آڻينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.