وارن مان خشڪي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ هي ٽوٽڪا آزمايو

وارن ۾ خشڪي اهڙو مسئلو آهي جنهن کي سياري جي موسم ۾ گھڻن ماڻهن کي منهن ڏيڻو پوندو.

وارن ۾ خشڪي جي ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا جهڙوڪ ڪنهن قسم جي الرجي، ري ايڪشن، عمر، موسم، دٻاءُ، مخصوص مرض ۽ ٻيا.

وارن جي ناقص صفائي خشڪي وڌائيندڙ عنصر ته ناهي پر وارن کي اڪثر صاف نه ڪرڻ سان خشڪي نمايان ٿي ويندي آهي.

هونئن ته ان مسئلي جي حل لاءِ شيمپو جو استعمال عام هوندو آهي پر گھر ۾ موجود ڪجهه عام شين سان به ان کي ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو.

اهڙا ڪجهه گھريلو ٽوٽڪا اوهان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا.

ناريل جو تيل

3 کان 5 چانهه جا چمچا ناريل جي تيل سان مٿي تي مالش ڪريو ۽ پوءِ هڪ ڪلاڪ تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ وارن کي شيمپو سان ڌوئي ڇڏيو.

ايلو ويرا

ايلو ويرا جيل جو معمولي مقدار مٿي تي لڳائڻ کان پوءِ وارن کي شيمپو سان ڌوئو.

صوف جو سرڪو

ڪوپ جو چوٿين حصي جيتري صوف جي سرڪي ۾ اوتري ئي مقدار پاڻي ملايو.

ان مڪسچر کي مٿي ۾ وجهو ۽ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ 15 منٽن تائين انتظار ڪريو ۽ پوءِ وارن کي سٺي طرح ڌوئو.

اسپرين

اسپرين جي 2ٽڪين کي پيهي شيمپو ۾ مڪس ڪريو ۽ وارن تي شيمپو لڳائي 2 منٽن تائين انتظار ڪريو ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو.

بيڪنگ سوڊا

وار آلا ڪريو ۽ پوءِ بيڪنگ سوڊا جي ڪجهه مقدار کي مٿي تي لڳائڻ کان پوءِ ڪجهه منٽن تائين انتظار ڪريو ۽ پوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو.

ليمي جو عرق

2 چانهه جا چمچا ليمن جي عرق سان مٿي تي مالش ڪريو ۽ پوءِ ڪجهه منٽن تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو.

مٿو ڌوئڻ کان پوءِ چانهه جو هڪ چمچي ليمي جي عرق کي هڪ ڪوپ پاڻي ۾ گڏائي مٿي تي هاريو.

زيتون جو تيل

رات جو سمهڻ کان اڳ زيتون جي تيل جي ڪجهه ڦڙن سان مٿي تي مالش ڪريو ۽ پوءِ مٿي تي ٽوپي پهري سمهي پئو، صبح جو اٿي شيمپو سان وار ڌوئو.

نوٽ:اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.