رياستي مشينري اسان جي خلاف متحرڪ آهي: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته رياستي مشينري ڀرپور شدت سان اسان جي جماعت خلاف متحرڪ آهي.
پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ اميدوارن کي ڌمڪايو پيو وڃي ۽ انهن تي حملا ڪري رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن کان پري رکيو پيو وڃي.
هن چيو ته اها چونڊ عمل جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ناڪامي جو ثبوت آهي.
سندس چوڻ هو ته 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ ڪارڪن ڀرپور طاقت سان ميدان ۾ لهندا ۽ ان کانپوءِ به ثابت قدمي ڏيکاريندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.