ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان وفا جو ڏينھن

قاسم خاصخيلي

دنيا جي ڪنهن به خطي جي ڌرتي تي رهندڙ ماڻھن جي وڏي سڃاڻپ ان جي ٻولي رهڻي ڪھڻي ان جو ڪلچر ۽ ثقافت ٿيندي آھي، دنيا جي گولي تي ٻين سوين ملڪن ٻولين ۽ ثقافتن ۾ پاڪستان جي ثقافت جا رنگ الڳ ٿلڳ نظر اچن ٿا پر پاڪستان جي صوبي سنڌ جي تھذيب روايت ۽ ثقافت جي ڳالھه ئي نرالي ليکي وڃي ٿي، سنڌ کان ٻاهر جنهن به صوبي يا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جتي جتي به سنڌي قوم رهي ٿي ان جي اٿڻي ويھڻي رهڻي ڪھڻي بلڪل مختلف بلڪه منفرد هوندي آھي.

سھڻا ماڻھو ٻيا به هزار،

سنڌي ماڻھو پڌرا لکن ۾.

ٽوپي اجرڪ پٽڪو ڪھاڙي

آھي سنڌين جي سڃاڻپ يار.

دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ تي نظر ڦيرائينداسين ته سنڌ جو سنڌي ماڻھو ان جو لباس ٽوپي اجرڪ پٽڪو توڙي مٺي ٻولي هزارن لکن ۾ الڳ نظر ايندا آھن. سنڌي ماڻھوءَ جي محبت سنڌي ماڻھو جي مهمان نوازي جي هر هنڌ هاڪ هوندي آھي، جيڪڏهن ڪو دشمن به هوندو آھي ته اهو به سنڌ جي مهمان نوازي جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ   رهي ناهي سگهندو، سنڌي قوم جيڪا لڳ ڀڳ هن ڌرتي تي پنج هزار سالن کان آباد اها قوم آھي جيڪا نه رڳو مذھبي رواداري جي امين رهندي آئي آھي پر سياسي سماجي ادبي لحاظ سميت ٻين ٻولين سان پيار رکندڙ ٻين جي ثقافت تمدن جو احترام ڪندڙ سان گڏ هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ واري شايد دنيا جي واحد قوم آھي هن قوم جو قربانيون به هر هنڌ نمايان نظر اچن ٿيون.

هن قوم جي وڏي خاصيت يا مثبت ڳالهھ اها به ليکي وڃي ٿي ته سنڌين پنهنجي سنڌ ڌرتي تي لڏي آيل لکين ڌارين کي نه رڳو پناھ ڏني پر پنهنجا گهر، جائدادون، ٻنيون ۽ انهن کي دل ۾ جايون ڏئي سدائين سنڌ ۾ آباد ڪري خوش ٿي آھي پر رنج نه ٿي آھي، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي اها بدقسمتي چئبي جو هن ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان سدائين انهن ئي ماڻھن دشمنيون رکيون آھن جن کي سدائين جيءَ ۾ جايون ڏنيون آھن جن جا ڀيانڪ منظر وقت بوقت سنڌ ۾ اهڙا ڏسڻ ۽ ميڊيا وسيلي ٻڌڻ لاءِ  به ملن ٿا، سنڌ جي سياسي سماجي ۽ جاگرافيائي تبديلين ۾ ٻاهران آيل ماڻھو گھڻو ڪري حاوي ٿي سنڌين کي سياسي حربن وسيلي پاڻ ۾ ويڙهائيندا به رهيا آھن ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي تاريخي ورثي کي وڏو نقصان ٿيندو رهيو آھي سنڌي ماڻھن کي ذاتين ۽ برادرين جي نالي ويڙهائي هزارين نوجوان اسان کان کسيا ويا آھن ان کان علاوه سياسي چالبازين وسيلي پڻ هڪ ٻئي ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو آھي ۽ سون تي سهاڳو اهو به آھي ته سنڌ جھڙي امن پيار واري ڌرتي جيڪا صوفين جي سرزمين پڻ سڏجي ٿي ان تي دھشتگردي مذھبي انتها پسندي ۽ قوميت جا زهريلا ٻج پڻ ڇٽيا ويا جنهن ڪري سنڌي قوم جي عالمي سطح تي بدنامي سان گڏ پنهنجي ڌرتي تي سندن رھڻ پڻ ڏکيو بڻائڻ جون ڪوششون وقت مفاد پرستن پاران جاري رهنديون اچن پيون،

سنڌ ڌرتي جيڪا ڪالهھ تائين امن واري ۽ صوفين جي ڌرتي طور ڏيهه توڙي پرڏيھه ۾ مشھور هئي اتي مختلف طريقن سان نفرت جا ڇٽيل ٻج وڌي وڻ ٿيڻ لڳا آھن ۽ اڪثر ڪري هاڻ هتي ڪڏهن ڌاڙيلن جي روپ ۾ ڪڏهن دھشتگردن جي روپ ۾ ڪڏهن مذھبي جنونيت جي آڙ ۾ ته وري ڪڏهن لسانيت ۽ ذاتيات جي بنياد تي بارود جي بوءِ محسوس ٿيندي رهي ٿي جنهن کي سنڌ جي اصلوڪن ۽ سنڌ جي سڄڻن کي هاڻ گڏجي ختم ڪرڻ لاءِ  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته سنڌ ڌرتي اها ڌرتي آھي جتي صبح جي سج نڪرڻ کان اڳ پرھ ڦٽي سان ئي سنڌ جون امڙيون ۽ نياڻيون ڏڌ ولوڙي مکڻ چاڻا ٺاهي پيار ڀرين لولين سان الله جي ثنا ڪندي نظر اينديون آھن، جتي ٻارڙا ٻاتڙيون ٻوليون ٻولي هڪ ٻئي سان رانديون کيڏندا آھن، سنڌ جي ٻھراڙين ۾ مال جا چڙا پنهنجي مڌر آواز سان گونجندا آھن جن تي قدرت به مھربان نظر ايندي آھي جتي درد وندن جو خيال رکيو ويندو آھي ۽ سانوڻ رت ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي سنڌي ماڻھو هڪ ٻئي جا ڀرجهلا ٿي بيهندا آھن جتي نياڻين کي ست قران سمجهي انهن جي مٿي تي پوتي پارائي ويندي آھي، جتي جا ٻڍڙا راتين جون راتيون اوطاقن ۾ نئين نسل جي پيار ۽ محبتون ونڊڻ لاءِ  ذھني آبياري ڪندا رهندا آھن.

سنڌ ڌرتي دنيا جي اها عظيم ڌرتي آھي جتي لطيف سچل سرمست ۽ بلھا شاھ کي هڪ نظر سان ڏٺو ويندو آھي، جتي ٽھڪ مرڪون عيدون ميلا ملاکڙا هو جمالا ۽ ڏک هڪ ٻئي سان گڏ ونڊيا ويندا آھن، سنڌ اها ڌرتي آھي جتي نفرت کي ڪير سڃاڻندو ئي ناهي، هر طرف محبتون پيار ۽ پنهنجائپ هوندي آھي لسي، مکڻ، کير، ساڳ، ماکي، ٻاجهري، جوئر جي ماني، پٽڙو ڀت ۽ ٻيون شيون لڪي کائڻ ۽ کپائڻ بدران  هڪ ٻئي کي سوکڙيون ڪري ڏنا ويندا آھن، اڄ اها سنڌ الائي ڪٿي گم ٿي ويل محسوس ٿئي ٿي، جنهن جي سينڌ سدائين سنڌو جي تار وهڻ سبب سدائين سائي رهندي هئي اها اجڙيل اجڙيل آھي وکريل وکريل آھي پر هن پيار امن واري ڌرتي تي جن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي رهايو ويو، جن لاءِ  ٻانهن جا هار ٺاهي سينا کولي آڌر ڀاءُ ڪري دلين ۾ جايون ڏئي هتي رهايو ويو، انهن سميت ڪجھه  سياسي شطرنج جي رانديگرن ۽ نفرت ڦھلائيندڙ ڪجھه  ڪڌن ڪردارن سبب اها سنڌ هاڻ سڏڪن ۾ آھي، اها سنڌ روئي وري پنهنجي ٻچڙن کي پڪاري رهي آھي ته ڪو هوشو اچي ڪو دودو اچي ڪو مخدوم بلاول اچي ۽ امن پيار محبت لاءِ  ڪا جنگ جوٽي ته جيئن سنڌ ڌرتي جي ساڳي اوج، ساڳيو پيار، ساڳيون رونقون موٽائي ڏئي ته جيئن وري اها سنڌ ساڳي طرح جي پوي، هن ڌرتي جي ثقافت ٻولي ۽ ڪلچر کي بچائڻ لاءِ  دنيا ۾ ان کي ساڳي حيثيت ۾ نروار ڪرڻ لاءِ  پاڻ کي سنڌ جو سچو پٽ ثابت ڪرڻو پوندو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي سان هن ڏينهن تي وفا جو وچن ڪرڻو پوندو ۽ نفرتن جي نوڙ کي ٽوڙي ڀور ڪرڻو پوندو ته جيئن ساڳيا گيت ساڳيا ميل ملاکڙا ۽ ساڳيون بهارون ساڳي سنڌ وري ڏسي سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.