ڪراچي کان مديني ويندڙ جهاز جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي، هنگامي لينڊنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئرلائين پي آءِ اي جي ڪراچي کان مديني ويندڙ جهاز انجڻ ۾ باهه لڳڻ سبب هنگامي لينڊنگ ڪئي.
ايويئيشن اختيارين موجب پي آءِ اي جي جهاز پي ڪي 743 صبح جو 5 لڳي 4 منتن تي ڪراچي کان مديني لاءِ اڏام ڀري، روانگي کان فوري بعد جهاز مٿي اپروچ پڪڙي ويو هو ته پائليٽ بوئنگ 777 جهاز جي انجڻ مان چڻگ نڪرندي ڏٺي، ڪاڪ پٽ ۾ فائر الارم جي وارننگ به آئي جنهن کان پوءِ پائليٽ حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي فائر بوتل ذريعي جهاز جي انجڻ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشس ڪئي جنهن سان جهاز جي هڪ انجڻ بند ٿي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته پائليٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان فوري رابطو ڪري ايمرجنسي لينڊنگ جي اجازت گھري ۽ ڪپتان جهاز کي ڪراچي ايئرپورٽ تي حفاظت سان لاٿو.
پي آءِ اي جي ترجمان موجب جهاز ۾ 726 مسافر سوار هئا، جهاز جي لينڊنگ ٿيڻ بعد سول ايويئيشن جي ٽيم فوري پهتي ۽ ڪ ڪپتان سميت فرسٽ آفيسر جون الڪوحل، رت ۽ يورين جون ٽيسٽون ڪيون.
ترجمان موجب پي آءِ اي جي انجينيئر انجڻ جو معائنو ڪري رهيا آهيون جڏهن ته جهاز جي انجڻ ۾ باهه لڳڻ جون شاهديون ناهن مليون، پروسيجر تحت هڪ انجڻ تي جهاز کي لاٿو ويو.
ترجمان جو چوڻ هو ته مسافرن کي هوٽل منتقل ڪيو ويو آهي جن مان 15 مسافرن وڃڻ کان انڪار ڪيو جن کي شام جو 5 وڳي متبادل جهاز ذريعي مديني روانو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.