ٽنڊو الهيار به زرداري اسٽيٽ بڻجڻ وڃي رهيو آهي؟

 

 

عطاالله ميمڻ

 

چونڊن ٿيڻ واريون آهن، نين سياسي صف بندين جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن، گڏوگڏ نوان اميدوار به منظر تي اچڻ لڳا آهن. هن وقت سنڌ جي سياست ۾ ٽنڊي الهيار جو چرچو گهڻو ٻڌيو پيو وڃي، خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته ٽنڊي الهيار جي قومي تڪ تان شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي صاحبزادي آصفه ڀٽو زرداري چونڊ وڙهڻ لاءِ سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي. هن ڀيري قومي اسيمبلي جي ان تڪ جي ٽڪيٽ بچاڻي هائوس کي نه ڏني ويندي. ٽنڊي الهيار جي ٻن صوبائي تڪن مان ٽنڊو الهيار سٽي ۽ نصرپور تي ٻڌل تڪ جي ٽڪيٽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهه رضوي کي ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته چمبڙ جي صوبائي تڪ جو اڃا تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو، جنهن جو سبب تازن ڏينهن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ خير محمد کوکر جي پ پ ۾ شموليت ٻڌايو پيو وڃي، ان تڪ مان 2008 کان 2018 تائين مطلب ٽي ڀيرا امداد پتافي پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي اسيمبلي پهچي چڪو آهي. 2018 جي چونڊن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ خير محمد کوکر امداد پتافي کي انتهائي ٽف ٽائم ڏنو هو ۽ هو رڳو ڪجهه ووٽن سان ڪامياب ٿيو هو. موجوده سياسي حالتن کي ڏسندي چونڊن کان اڳ ئي پ پ قيادت خير محمد کوکر جي پارٽي ۾ شموليت يقيني بڻائي ڇڏي، هاڻ پ پ اميدوار جي مقابلي ۾ اتي اهڙي ڪا قابل شخصيت موجود ناهي. ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته خير محمد کوکر جي شموليت چمبڙ جي صوبائي تڪ تي ٽڪيٽ جي مطالبي تي ئي ٿي آهي پر اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو، ڇو ته امداد پتافي به پارٽي ۾ سينيئر ٿي ويو آهي ۽ ان کي هن وقت پارٽي جي مضبوط مراد علي شاهه گروپ جي سرپرستي حاصل آهي، تنهن ڪري نظر اهو ئي پيو اچي ته ان تڪ جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ کوکر ۽ پتافي چونڊن کان اڳ هڪ چونڊ وڙهندا ۽ اها چونڊ هوندي مضبوط لابنگ جي، جنهن جي لابنگ مضبوط هوندي اهو ئي ٽڪيٽ جو حقدار هوندو.

آصفه ڀٽو زرداري طرفان ٽنڊي الهيار مان چونڊ وڙهڻ جي فيصلي کي ضلعي جو عوام ته سٺو سنئوڻ قرار ڏئي رهيو آهي، ان جو اهم سبب اهو تاثر آهي ته زرداري خاندان جو فرد جنهن علائقي مان چونڊ وڙهندو آهي، اتي رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيندا آهن، رڪارڊ نوڪريون ڏنيون وينديون آهن پر حقيقت جو ان سان ڪو واسطو ناهي، شايد ڪنهن کي خبر هجي يا نه، ٽنڊو الهيار ضلعو زرداري خاندان لاءِ ٻيو نوابشاهه آهي، 2008 کان 2023 تائين، پنهنجي حڪومتي دورن ۾ ٽنڊي الهيار ضلعي تي راڄ زرداري خاندان جو ئي رهيو آهي، جنهن جا ٻه اهم سبب آهن، هڪ آصف علي زرداري جي ٽنڊي الهيار ۾ موجود زمينداري ۽ ٻيو سبب ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي ٽنڊي الهيار جي ٽالپر خاندان ۾ شادي آهي، انهن ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جو ٽنڊو الهيار ٻيو گهر تصور ڪيو ويندو آهي، تاريخ ۾ اهو ئي پڙهيو آهي ته ماڻهو پنهنجي گهر کي سنواريندا آهن پر ٽنڊي الهيار جي قسمت ان حوالي سان سٺي ناهي، توهان جڏهن نواب شاهه ويندئو ته توهان کي اتي سٺا تعليمي ادارا، سٺيون اسپتالون، بهترين روڊ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گهڻو ڪجهه نظر ايندو پر جڏهن توهان ٽنڊي الهيار ايندئو ته توهان کي اتي ٽٽل روڊ، زبون اسپتالون، مينهن جي واڙن ۾ تبديل اسڪول ۽ بيروزگاري جي شرح سڀ کان وڌيڪ نظر ايندي، اهو فرق رڳو ان ڪري آهي ته نواب شاهه ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پنهنجي نگراني آهي، جڏهن ته ٽنڊي الهيار وارو گهر انهن پنهنجي هڪ ملازم حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ماڻهو غلام قادر مري جي نالي سان سڃاڻين ٿا، ان جناب بابت ڪهاڻيون ڪنهن ٻئي ڪالم ۾ توهان کي ٻڌائينداسين، آصفه ڀٽو زرداري جيڪڏهن هتان چونڊ کٽي وڃي ٿي ته پوءِ اهو طئي ٿي ويو ته ٽنڊو الهيار به سرڪاري طور تي زرداري اسٽيٽ انائونس ٿي ويندو.

آصفه ڀٽو کي ٽنڊي الهيار جي جنهن قومي اسيمبلي جي تڪ تان چونڊ وڙهائي پئي وڃي، اهو هڪ يا ٻه ڀيرا نه پر تقريبن 5 چونڊن کان بچاڻي خاندان وٽ رهيو آهي، سينيئر سياستدان ۽ مقامي سياست جي گرو طور سڃاڻپ رکندڙ عبدالستار بچاڻي ان تڪ مان 3 ڀيرا ايم پي اي چونڊيو آهي، هڪ ڀيرو سندس گهرواري عام چونڊون کٽي قومي اسيمبلي پهتي ۽ 2018 ۾ انهن جي فرزند ذوالفقار ستار بچاڻي چونڊون کٽيون ۽ ايم اين اي بڻجي ويو، ان تڪ جي هڪ دلچسپ ۽ تاريخي اليڪشن به رهي آهي، اها اليڪشن 1993 جي هئي، جنهن ۾ پ پ جي هڪ جيالي عبدالستار بچاڻي پنهنجي پارٽي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند مير مرتضيٰ ڀٽو کي شڪست ڏئي ايم اين اي چونڊيو هو. بچاڻي خاندان جي سياست به هاڻ ايندڙ نسل ۾ منتقل ٿي وئي آهي ۽ عبدالستار بچاڻي جو فرزند ذوالفقار بچاڻي پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ماڻهن ۾ سٺي پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. اهڙي ريت ٽنڊي الهيار جي سياست ۾ رضوي خاندان جو به هڪ مضبوط اثر رسوخ آهي، 1952 کان وٺي 2018 تائين رضوي خاندان ٽنڊي الهيار جي سياست جو بي تاج بادشاهه رهيو آهي، ان وقت رضوي خاندان جو ٽيون نسل سياست ڪري رهيو آهي، سيد علي نواز شاهه رضوي جي ڪامياب سياسي سفر کانپوءِ ان جو فرزند ضيا عباس شاهه رضوي سياسي عمل ۾ اڳڀرو آهي، ضيا عباس شاهه رضوي گذريل پ پ جي دور ۾ ورڪس اينڊ سروس جو صوبائي وزير به رهيو آهي، هن پنهنجي پٽن کي سياسي ميدان ۾ لاٿو آهي، جنهن ۾ هڪ پٽ سيد ثمر شاهه رضوي ٽنڊي الهيار ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ٻيو پٽ سيد محمد شاهه رضوي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر آهي، ٻنهي پٽن جي سياست گرائونڊ فلور کان شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن تڪ جي عوام کي ڄاڻي سڃاڻي ۽ انهن سان بهترين رابطا رکي قومي ۽ صوبائي سياست ۾ پاڻ مڃرائي سگهن.

ٽنڊي الهيار جي ٽئين صوبائي تڪ چمبڙ جو سياسي وايو منڊل سدائين سرگرم رهيو آهي، ان تڪ ۾ پ پ کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اهم خاندان موجود آهن پر گذريل اليڪشن ۾ ڏکيائيون پيدا ڪندڙ خير محمد کوکر جي پ پ ۾ شموليت سان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو تڪ سڀني جي نظرن ۾ اچي ويو آهي. ٽي ڀيرا پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي رهندڙ امداد پتافي بابت اڪثر خبرون گردش ڪنديون رهيون آهن ته هو پنهنجي تڪ کي ايترو وقت ناهي ڏيندو، جيترا ان جا مخالف چونڊون وڙهندڙ اميدوار حڪومت نه هوندي به عوام جي وچ ۾ رهندا آهن، اهو ئي سبب هو ته 2013 جي اليڪشن ۾ پ پ اهو تڪ امداد پتافي کي کسي ورتو هو ۽ ان وقت صوبائي صدر نثار کهڙي پريس ڪانفرنس ۾ اميدوارن جا نالا ٻڌائيندي ان تڪ مان مخدوم ميون علي محمد ولهاري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. ميون علي محمد ولهاري کي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو اڃا جاري ئي هو ته پريس ڪانفرنس جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ امداد پتافي ۽ ان جي گروپ جي اڳواڻن پارٽي قيادت تي ايترو دٻاءُ وڌو جو پارٽي کي ولهاري جو نالو واپس وٺي امداد پتافي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي الڳ پريس رليز جاري ڪرڻي پئي. ان وقت اهي خبرون عام هيون ته امداد پتافي کي مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ جي پريشر ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. هڪ خانداني ۽ سياسي ورڪر محمد علي ولهاري پاڻ سان ٿيندڙ زيادتي تي ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ۽ خبرون اچڻ لڳيون ته ولهاري پ پ کي الوداع چئي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي رهيو آهي پر ان سڄي منصوبابندي کي پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ولهاري سان ملاقات ڪري کيس ڊسٽرڪٽ چيئرمين بڻجڻ تي راضي ڪيو ۽ هو راضي به ٿي ويو، جنهن کانپوءِ مڪاني چونڊون ٿيون ته کيس چيئرمين جو عهدو ڏنو ويو ۽ چار سال هن اختيار نه هجڻ جو پٽڻو پٽيندي گذاريا. هن وقت به خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته مخدوم ميون علي محمد ولهاري سنڌ ۾ پ پ مخالف بڻجندڙ اتحاد جو حصو بڻجي رهيو آهي پر اڃا تائين انهن خبرن جي هن ترديد ڪئي آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته جيئڻ ۽ مرڻ پ پ سان گڏ آهي، هونئن ترديد سدائين حقيقت تي ٻڌل خبرن جي ئي ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.