بئريسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) بئريسٽر گوهر بنا مقابلي تحريڪ انصاف جو چيئرمين چونڊجي ويو.
بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، تحريڪ انصاف جي رجسٽرڊ ووٽرن اڄ نئين چيئرمين جي چونڊ ڪئي.
چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو ته عمر ايوب پي ٽي آءِ جو بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو آهي.
ان کانسواءِ علي امين گنڊاپور تحريڪ انصاف خيبر پتختوناهه، ياسمين راشد پنجاب جي صدر چونڊجي وئي آهي.
گوهر خان چيئرمين چونڊجڻ تي چيو ته عمران خان هڪ جدوجهد سبب جيل ۾ آهي، اسان جي اڌ کان وڌيڪ ليڊر شپ جيلن ۾ آهي، پي ٽي آءِ ڪنهن سان جهيڙو نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.