ڇوڪري جي پيءُ ماستر کي اغوا ڪري ڌيءُ سان پرڻائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي ضلعي ويشالي ۾ هڪ پيءُ 23 ورهين جي اسڪول جي ماستر کي اغوا ڪري پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اربع ڏينهن شام جو مڊل اسڪول جي ماستر گوتم ڪمار کي 5 کان 6 ڄڻا اغوا ڪري کڻي ويا ۽ 24 ڪلاڪن جي اندر هڪ اغوا ڪندڙ جي ڌيءَ سان شادي ڪرائي ڇڏي.
گوتم ڪمار ڪجهه عرصو اڳ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو هو ۽ ان عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ”پڪڙوا ويواهه“ ۾ عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي جنهن جو مطلب جبري يعني بندوق جي زور تي شادي آهي، ان رسم ۾ غير شادي شدهه مردن جي زبردستي شادي ڪرائي ويندي آهي.

گوتم کمار نے کچھ عرصہ قبل ہی پبلک سروس کمیشن کا امتحان پاس کیا تھا اور اس عہدے پر فائز ہوئے تھے__فوٹو: بھارت میڈیا
پوليس موجب اربع ڏينهن گوتم گھر نه پهتو ته سندس گھرڀاتين پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، ماستر جي گھرڀاتين راجيش راءِ نالي هڪ شخص تي الزام لڳائيندي چيو ته هن زبردستي پنهنجي ڌيءَ چاندني جي شادي سندن نوجوان سان ڪرائي آهي.
ان کانسواءِ اهو به الزام لڳايو ته شادي کان انڪار ڪرڻ تي گوتم کي بدترين تشدد جو نشانو به بڻايو ويو پر پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.