نزلي، زڪام کانسواءِ وڪس بام جا ٻيا به جادوئي فائدا

هونئن ته وڪس بام هر گھر ۾ موجود هوندو اهي ۽ ان کي نزلي، زڪام ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ان کانسواءِ اهو گھڻن صحت جي مسئلن ۾ ڪم اچي سگھي ٿو؟
اهو بام گھڻين شين لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو. جهڙوڪ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ته اهو سولائي سان ساهه کڻڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.
هتي ڪجهه اهڙا سبب بڌائي رهيا آهيون جن ۾ اهو بام اوهان لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.
پٺن ۾ سور
اهو بام نه رڳو اوهان جي ساهه جي نالين لاءِ سٺو آهي، پر اهو پٺن جي سور کي به گھٽائي سگھي ٿو.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب مينٿول هڪ اثرائتي سور ختم ڪندڙ دوا آهي. ميو ڪلينڪ جي ڊاڪٽرن موجب مينٿول ۾ ڪولنگ پراپرٽي آهي. تنهنڪري اوهان سور وارن پٺن کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ پنهنجي متاثر حصي تي مينٿول ملم لڳائي سگھو ٿا.
ننهن ۾ فنگل جو علاج
فنگل لڳل ننهن جو علاج ڪرڻو آهي ته اهو بام اوهان لاءِ بهترين حل آهي. 2011ع جي هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته وڪس بام فنگل انفيڪشن سان وڙهڻ ۾ مددگار آهي.
تحقيق لاءِ فنگل جو شڪار ننهن وارن 18 ماڻهن 48 هفتن تائين پنهنجن ننهن تي اها ملم لڳائي. جن مان 5 کي ان بيماري مان مڪمل طور تي ڇوٽڪارو مليو، جڏهن ته 10 ۾ نمايان بهتري ڏٺي وئي هئي، ۽ 5 ۾ ڪا به تبديلي نه ڏٺي وئي.
اسٽريچ مارڪس کان ڇوٽڪارو
خشڪ کُڙيون
جيڪڏهن اوهان گھڻو پنڌ ڪندا آهيو ۽ اوهان جون کُڙيون خڊڪ ٿي وينديون آهن ته کَلَ جا ماهر اوهان کي کُڙين تي لوشن هڻڻ جو مشورو ڏيندا آهن. ان مقصد لاءِ خاص ڪريمون موجود آهن پر گھڻا ماڻهو بام جو استعمال ڪندا آهن.
مڇرن کي پري رکڻ ۾ مددگار
ورهيه اڳ هڪ تحقيق مان سائنسدانن کي خبر پئي هئي ته وڪس بام ۾ ڪافور جو تيل مڇرن کي پري رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي. ۽ هڪ تازي مطالعي ما به خبر پئي آهي ته مينٿول به اثرائتو آهي ۽ اهو ڪم ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.