اڳوڻو قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر کي هڪ ڀيرو ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو.
اسد قيصر کي چارسدا پوليس 9 مئي سانحي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ 24 نومبر تي کيس سيشن ڪورٽ مردان ۾ پيش ڪيو ويو هو.
پوليس طرفان جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي هئي پر عدالت پوليس جي اپيل رد ڪندي اسد قيصر کي جڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل مردان موڪلي ڇڏيو هو.
اڄ مردان جي عدلت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر مردان پوليس اسد قيصر کي سينٽرل جيل مردان مان ٻيهر حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسد قيصر خلاف سٽي ٿاڻي ۾ 9 ۽ 10 مئي واقعن بابت ايف آءِ آر داخل آهي، کيس سٽي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.