گوڙاڻو متاثرن ۽ ٻوڏ کان بچاءُ جي رٿائن لاءِ 11ارب رپيا قرض جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صوبائي نگران ڪابينا ڳوراڻو منصوبي جي متاثر خاندانن لاءِ معاوضي سميت لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي  ملازمن کي مڪاني ادارن ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ ڪابينا جو اجلاس نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾   24 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جڏهن ته پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز (اي ايس آيز) جي ڀرتين ۽ ٻوڏ کان بچاءُ جي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ 11.97 ارب رپيا قرض وٺڻ ۽ رينجرز جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 357 ملين رپيا منظور ڪرڻ جهڙا اهم فيصلا ڪيا.  اسڪول ايجوڪيشن کاتي ڪابينا کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنن طور استعمال ٿيندڙ اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي. ڪميٽي 9901 اهڙن اسڪولن جي نشاندهي ڪئي جن جي مرمت ڪرڻ جي ضرورت آهي گهرو کاتي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس کاتي اي ايس آءِ جي 1046 پوسٽن تي عام ڀرتي لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي درخواست موڪلي آهي. گهرو کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته پاڪستان رينجرز پنهنجي هنگامي شعبي جنهن ۾ واٽر ڪينن، ڪوئڪ ريسپانس فورس گاڏين ۽ قابل اعتماد مواصلاتي اوزار کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 3.57 ملين رپين جي درخواست ڪئي آهي. ڪابينا ان معاملي تي غور ڪيو ۽ صوبي ۾ رينجرز جي آپريشنل صلاحيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فنڊن جي منظوري ڏني. توانائي کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي ترقي سان 757 خاندان متاثر ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تصديق کانپوءِ 757 بدران 501 خاندانن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪابينا گوڙاڻو رٿا جي متاثرن کي معاوضي لاءِ بجيٽ کان ٻاهر 18.216 ملين رپيا (کوٽ) جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا صحت کاتي جي درخواست تي سکر ضلعي جي ديهه نندو ڪوهستان ۾ 3 ايڪڙ زمين مفت ۾ الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صحت کاتو ان زمين تي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن اينڊ ريهيبليٽيشن جو سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.