ميرٽ جي بحاليءَ سان سنڌ جي نوجوانن ۾ مايوسي ختم ٿيندي: سڄاڻ ڌريون

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) عوامي آواز جي نعري "ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي” کي سياسي، سماجي توڙي صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن ڀرپور موٽ ڏيندي عوامي آواز سان گڏ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. عوامي آواز  سان ويچار ونڊيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته عوامي آواز اسان جي پنهنجي اخبار آهي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ناصر خٽڪ جي ٽيم اسان جي پنهنجي ٽيم آهي، عوامي آواز هميشه سنڌ جي مسئلن تي لکيو آهي اهڙي طرح ميرٽ جي بحالي واري نعري لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سيمينار ڪرايا وڃن ته جيئن سنڌ جو ماڻهو نوڪرين لاءِ هٿ ٽنگڻ بند ڪري، سنڌ جو ماڻهو پنڻ بند ڪري جيڪو ماڻهو پنندو ته اهو حق ڪٿان وٺي سگهندو؟ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن سنڌ جو ماڻهو نوڪرين بجاءِ وڏن شهرن ۾ ڪاروبار ڪندو، پهرين ننڍي ملازمت جهڙوڪ بيرو، موچي، سڪيورٽي گارڊ، نجي ڪمپنين ۾ ملازمت پوءِ ننڍي برياني جي ديڳ لڳائي آهستي آهستي ڪاروبار وڌائي پر جيڪڏهن نوڪرين جي چڪر ۾ پوندو ته ڪڏهن ڪورٽ روڪي ڇڏي ڪڏهن ڪانٽريڪٽ ختم ٿي وڃي، ڪڏهن ڪميشن نوڪريون کپائي ان ۾ سڄي جنريشن تباھ ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي پنهنجي ميرٽ لاءِ نڪرن، ثقافت رڳو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ جو نالو ناهي بلڪه ان سان گڏوگڏ اسين پر وقار هجون، ايئن نه هجي جو سنڌي ماڻهو ٽوپي اجرڪ پائي نچندو وتي ۽ پويان پڦي کي رئو ڦاٽل هجي ۽ انڪم سپورٽ جا پيسا وٺڻ واري لائين ۾ پوليس جون لٺيون کائي ويٺي.ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته ثقافت ۽ ٻولي اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان فخر ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ميرٽ جي بحالي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت هوندي آهي ،پي ايف يو جي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته دنيا ۾ جتي به ثقافت جي ڳالھ ٿيندي آهي ته سنڌو هميشه امر رهندو آهي ۽ سنڌي 5 هزار سال قديم قوم آهي، جنهن قوم پنھنجي ثقافت کي وساريو آهي اهي زوال پذير ٿي ويون آهن ان لاءِ اسين سنڌي ثقافتي ڏينهن کي عيد ٻين عيدن وانگر ملهائيندا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته عوامي آواز پاران” ميرٽ جي بحالي“ هڪ وڏو نعرو نعرو آهي ڇاڪاڻ ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان ميرٽ جي لتاڙ جيڪا سنڌ ۾ ٿي آهي پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ گهٽ ٿي آهي،پروفيسر توصيف احمد خان عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا نوجوان تعليمي ادارن ۽ ملازمت ۾ ميرٽ تي سيٽون نه ملڻ سبب رياست مان مايوس آهن، سفارش ۽ پيسن تي سيٽون ملڻ سبب نوجوانن پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي، عوامي آواز جو نعرو بنيادي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ آهي ان لاءِ ميرٽ کي بحال ڪرڻ سان ئي نوجوانن مان مايوسي ختم ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.