لاهور (عوامي آواز نيوز)دفاع واري اڳوڻي سيڪريٽري جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته بشريٰ بي بي رات جو فون ڪري سخت لهجي ۾ منع ڪئي ته فوج کان معافي وٺڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، عمران خان ۽ فوج ۾ صلح جي ڪوشش نه ڪريو، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي جو چوڻ آهي ته عمران خان جا پنهنجا ماڻهو نٿا چاهين ته عمران جيل مان ٻاهر اچي ڇو ته هڪ ٻي عورت اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري پنهنجي پٽ کي پنجاب جو وڏو وزير ڪرائڻ چاهي ٿي عمران خان جو ڪنهن کي به فڪر نه آهي.
آڊيو کانپوءِ نڻاڻ ۽ ڀاڄائي جا اختلاف سامهون اچي ويا آهن : فردوس عاشق
اسلام آباد (م ڊ ) استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آڊيو کانپوءِ نڻاڻ ۽ ڀاڃائي جا اختلاف سامهون اچي ويا آهن. پنهنجي بيان ۾فردوس عاشق اعواڻ چيو ته خاور مانيڪا جي بيانن کانپوءِ پير صاحب جو ڪو تعويذ اثر نه پيو ڪري، جڏهن گهريلو لاڳاپا سياست ۾ شامل ٿيندا آهن ته اهو ئي ٿيندو آهي. هن چيو ته سياست کي سياست تائين محدود رکڻ گهرجي، حڪومتي فيصلا وزير اعظم هائوس بدران بيڊ روم مان ٿيندا ته آخرڪار اهو بيڊ روم به هڪ ڏينهن بحث هيٺ ايندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پيرڻي جي ڪري وزارت اعظميٰ برباد ٿي وئي، اڄ عليما بي بي ۽ عظميٰ بي بي کي ڇا سمجهندي، هي عورت چيئرمين پي ٽي آءِ جيل ڀيڙو ڪرائي چڪي آهي.، هاڻي ايجنڊا سندس خاندان کان انتقام ورٺڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي عورت ڀيڻ ۽ ڀاءُ جا رشتا خراب ڪرڻ تي لڳل آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي سيٽ تي زال ۽ ڀيڻ کي ويهارڻ چاهي ٿو: طلال چوڌري
اسلام آباد ( م ڊ ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين موروثي سياست تي تنقيد ڪندو هو، هو پنهنجي سيٽ تي زال ۽ ڀيڻ کي ويهارڻ چاهي ٿو. هڪ بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ٻٽو معيار سامهون اچي ويو آهي، کيس ڪو به نظر نه آيو، ان ڪري هن گوهر خان کي نامزد ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چوندو هو ته سندس خاندان جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، سندن ٻٽو معيار هر گذرندڙ ڏينهن سان سامهون اچي رهيو آهي. هن چيو ته هي آڊيو موروثي سياست ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيار جو مثال آهي.
عمران جي ڀينرن ۽ بشريٰ ۾ اختلاف، آڊيو ليڪ ٿي وئي
اسلام آباد(م ڊ) لطيف کوسي ۽ بشريٰ بي بي جي مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي، لطيف کوسي ۽ بشريٰ بي بي جي مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي .جنهن ۾ لطيف کوسو ۽ بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن سان اختلافن جو کليل طريقي سان اظهار ڪري رهيا آهن. آڊيو ۾ بشريٰ بي بي کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته اتي اسان جي لاءِ مسئلو پيدا ٿي ويو ڇو ته ان جون ڀينرون به اسان سان گڏ هيون. اسان جي پاڻ ۾ ڪافي ڇڪتاڻ ٿي وئي هئي. جنهن تي لطيف کوسا چوي ٿو ته صحيح آهي. بشريٰ بي بي آڊيو ۾ چئي رهي آهي ته اتي ڪافي وڏو مسئلو پيدا ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ مون مناسب نه سمجهو ته مان پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن سان وڌيڪ ڳالهايان. مون خان صاحب کي چئي ڇڏيو ته منهنجا سمورا ڪيس هاڻ اهو ئي ڏسندو ۽ اوهان جا به جيترا هوندا جيڪي مان سمجهندس هاڻ اهي ليٽ ٿي رهيا آهن ته مان ان کي ئي ڏيندس. لطيف کوسو بشريٰ بي بي کي چوي ٿو ته ٺيڪ آهي جنهن کان پوءِ بشريٰ بي بي چيو ته انهن مون سان ڪافي بدتميزي ڪئي آهي. مان سوچي به نٿي سگهان ته انهن ۾ ايتري همت ڪٿان کان آئي. بشريٰ بي بي پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته هي ڪير ٿينديون آهن پڇڻ واريون؟ هي چون ٿيون ته اسان پڇڻ ويون هيوسين ته اوهان زهر واري لائين ڇو لکي آهي؟ هو جهڙي طريقي سان ڳالهائي رهيون هيون مون کين منع ڪيو ته اوهان اهڙي طريقي سان نه ڳالهايو. هنن وڌيڪ تيز ٿي ڳالهايو ته مون خان صاحب کي چيو ته هاڻ گهڻو ٿي ويو منهنجو وڪيل اهوئي آهي جنهن کان پوءِ مان اٿي واپس هلي آيس. لطيف کوسو جواب ۾ چوي ٿو ته خبر نه آهي هنن کي مون مان ڪهڙو مسئلو آهي؟ مان بدتميزي ڪرڻ وارو ئي نه آهيان. مان هنن کي اهو ضرور چيو هو ته اوهان ضد نه ڪريو، جهڙي طرح مان مناسب سمجهندس مون کي اهو ڪرڻ ڏيو. جنهن تي انهن چيو ته اسان سان بدتميزي ڪئي وئي آهي.هوڏانهن چيئرمين عمران خان جي وڪيل لطيف کوسا پنهنجي ۽ بشريٰ بي بي جي سامهون ايندڙ آڊيو جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سردار لطيف کوسا آڊيو ليڪس بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته اهي ڪلائنٽ ۽ وڪيل وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون آهن جنهن به ان کي ليڪ ڪيو آهي ان کي شرم اچڻ گهرجي. هن سوال ڪندي چيو ته اها ذاتي ڳالهه ٻولهه ڪير ليڪ ڪندو آهي؟ ان حوالي سان جسٽس بابت ستار به آرڊر ڏنو آهي ته اهو ڪير آڊيو ليڪ ڪري رهيو آهي؟