ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي گلستان جوھر ڀرسان عورت ۽ سندس معصوم نياڻي سميت 2 پٽن کي تيز دار اوزار سان قتل ڪيو ويو، پوليس مقتول عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، گلستان جوهر جي علائقي شير محمد بلوچ ڳوٺ ۾ هڪ گهر مان عورت ۽ ٽن ٻارن جا لاش هٿ آيا، قتل ڪيلن ۾ جوابدار ارشد علي بلوچ جي گهرواري 35 ورهين جي صائمه ۽ سندس 2 پٽ 9 ورهين جو اشهد، 7 ورهين جو شاهه زين ۽ 2 ورهين جي نياڻي اعمار شامل آهن، گلستان جوهر جي پوليس ٻڌايو ته هڪ گهر مان عورت ۽ ان جي ٽن ٻارن جا لاش مليا، انهن کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو هو، پوليس موجب مقتول صائمه جي مڙس ارشد علي بلوچ بيان ۾ چيو ته سندس تعلق ايراني (سنجراڻي بلوچ) قوم سان آهي ۽ واقعي جي وقت گهر ۾ موجود نه هو، گهر پهتو ته گهرواري ۽ ٻارن جا لاش مليا، پوليس موجب جوابدار بيان تبديل ڪندو رهيو، هو نشي جو عادي آهي، جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته پوليس موجب جوابدار جي ڀاءُ کي شڪ ۾ گرفتار ڪيوويو آهي، مقتول جي ڀائٽي شهزاد ٻڌايو ته ارشد علي بلوچ جو شير محمد بلوچ ڳوٺ قلندر آباد سميت ٻين علائقن ۾ انٽرنيٽ ڪيبل نيٽ ورڪ ڦهليل آهي، جنهن مان هو وڏي آمدني ڪندو هو، جڏهن ته ساڳئي وقت هو. علائقي ۾ هن جا 4 گهر آهن، جن کي هو ڪرائي تي ڏئي ٿو. ارشد بلوچ جا والدين لاڏاڻو ڪري ويا آهن ۽ سندس شادي 10 سال اڳ پري جي رشتيدار صائمه سان ٿي هئي. شهزاد موجب هن پنهنجي چاچي کي ننڍي هوندي کان ئي منشيات جو عادي ڏٺو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنهن سبب جي ڪري جوابدار زال ۽ ٻارن کي قتل ڪيو آهي، انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گرفتار جوابدار ارشد خلاف اڳ به ڪيس داخل آهي.