تل ابيب(م ڊ)اسرائيلي فوج غزا ۾ جنگ بندي ۾ توسيع جي تصديق ڪئي آهي. چين جي خابرو اداري موجب آءِ ڊي ايف موجوده جنگ بندي جو مدو ختم ٿيڻ کان ڪجهه منٽ اڳ جاري بيان ۾ چيو ته يرغمالين جي آزادي جي عمل کي جاري رکڻ ۽ جنگ بندي جي فريم ورڪ جي شرطن تحت ثالثن جي ڪوششن جي روشني ۾ آپريشنل وقفو جاري رهندو. هوڏانهن فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي يو اين آر ڊبليو چيو آهي ته غزا شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ٻئي پاسي گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ناڪافي آهي هن وقت غزه جا ماڻهو پوري دنيا جي سامهون هڪ وڏي انساني تباهي جي ور چڙهيل آهن، هن چيو ته اسان کي پوئتي نه ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عارضي جنگ بندي ۾ توسيع جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا.صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) غزه ۾ قيدين جي آزادي ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن امداد جي فراهمي جاري رکي سگهجي.