ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير جي حڪم تي انٽر بورڊ ڪراچي ۾ ٿيل ڪرپشن جي معاملي تي چيف سيڪريٽري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين رفيق احمد جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي ۾ ناڻي کاتي مان 20 گريڊ جو اسپيشل سيڪريٽري شهمير خان ڀٽو، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن به ميمبر طور شامل ڪيا ويا آهن، قائم ڪيل ڪميٽي انٽر بورڊ جي جاچ بابت چار نقاطي ٽي او آر ۾ مالي بي ضابطگين جي نشاندهي ۽ سالياني امتحانن ۾ ڦيرڦار ٽيمپرنگ ڪرڻ جي جاچ ڪندي، ڪميٽي ٽي او آرز ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ۽ تعين ڪري مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪڻ جون تجويزون ڏيندي ،چيف سيڪريٽري جاچ ڪميٽي کي صورتحال بابت سمورن رخن کان جاچ ڪري 14 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته 2019 ۽ 2020 ۾ ڪورونا سبب سرڪاري ڪاليجن ۾ پڙهندڙ لکين شاگردن کان امتحان وٺڻ بغير پاس قرار ڏنو ويو هو جڏهن ته في شاگرد جي حساب سان تمام انٽر بورڊ طرفان سنڌ حڪومت کان فيسن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا ورتا ويا هئا.