واشنگٽن(م ڊ) اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪنسجر 100 سالن جي عمر ۾ آمريڪي رياست ڪنيڪٽي ڪٽ ۾ پنهنجي گهر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بي بي سي جي رپورٽ موجب هن آمريڪا جي صدر نڪسن ۽ صدر فورڊ جي انتظاميه دوران آمريڪا جي اعليٰ سفارتڪار ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هنري ڪسنجر 1923ع ۾ جرمني جي رياست باويريا جي يهودي جي والدين جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان نازي پارٽي جي ظلمن کان بچڻ لاءِ جرمني کان فرار ٿي 1938ع ۾ آمريڪا پهتو. هن 1943ع ۾ آمريڪي شهريت حاصل ڪئي ۽ ٽن سالن تائين آمريڪي فوج ۾ ۽ بعد ۾ ڪائونٽر انٽيلي جنس ڪور ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چين سان سفارتي لاڳاپن، اسرائيل ۽ ان جي پاڙيسرين وچ ۾ 1973ع جي يوم ڪپور جنگ جي خاتمي، پئرس امن معاهدي ۽ ويٽنام جنگ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.