سنڌ حڪومت پاران چئن کاتن جي آفيسرز جون اليڪشن ڊيوٽيون نه لڳائڻ سفارش

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي صحت کاتي جي اختيارين پاران ڊگهي عرصي کان 18هين گريڊ جي عهدي تي ويٺل 17هين  گريڊ جي سيڪشن آفيسر جون خدمتون سروسز کاتي کي واپس ڪيون ويون آهن. 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسر فاروق ابڙو جون خدمتون واپس ٿيڻ بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران سندس خدمتون اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيون ويون آهن. صحت کاتي ۾ يونس ملاح کي سيڪشن آفيسر جنرل ۽ اسد کتري کي سيڪشن آفيسر بجيٽ ون مقرر ڪيو ويو.  صحت کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو. سنڌ حڪومت عام چونڊن ۾ ناڻي کاتي، گهرو کاتي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ توڙي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتن جي 17هين ۽ 18هين گريڊ جي آفيسرن جون آر اوز ۽ ڊي آر اوز طور خدمتون اليڪشن ڪميشن حوالي ڪرڻ کان انڪار  ڪري ڇڏيو آهي. چئني کاتن جي آفيسرن جون اليڪشن ڊيوٽيون نه لڳائڻ لاءِ سفارشي خط اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.  سنڌ حڪومت پاران چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد اليڪشن ڪميشن جي اختيارين ڏانهن خط اماڻيو ويو. خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڊيوٽي لاءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، گهرو کاتي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن توڙي ناڻي کاتي جي 17هين ۽ 18هين گريڊ جي آفيسرن جون خدمتون اليڪشن ڪميشن حوالي نه ٿا ڪري سگهون. خط موجب ڄاڻايل کاتن جا آفيسر آر اوز يا ڊي آر اوز طور ڊيوٽي نه ٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته کين اڻ سڌيءَ طرح سنڌ حڪومت پاران اليڪشن جي انتظامي سرگرمين ۾ ڪردار ادا جي ذميواري ڏني ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.