ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ رٽائرڊ انسپيڪٽر جي گهر ۾ ڦر ڪندڙ ٽي سي ٽي ڊي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ جو چوڻ آهي ته سعيد آباد ۾ اڳوڻي انسپيڪٽر جي گهر تي ڦر جي واقعي ۾ 5 اهلڪار ملوث هئا، اڳوڻي انسپيڪٽر جي گهر تي چوري جو ڪيس سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، بشير حسين جو چوڻ آهي ته 10 کان 11 ڄڻا سادا ڪپڙا پهريل منهنجي گهر ۾ داخل ٿيا، اهلڪارن منهنجي پٽ عامر ۽ نياڻين مٿان به تشدد ڪيو ويو، پوليس گهر مان روڪ رقم 2 لک روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور، قيمتي سامان ڦر ڪري ويا ۽ گهر ۾ رکيل 9 ايم ايم جون 50 گوليون پڻ ڦريون، پوليس اهلڪار منهنجي پٽ قمر بابت پڇا ڪندا رهيا، جيڪو گهر ۾ موجود نه هو. گھر سعيد آباد پوليس سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڦرلٽ ۽ عورتن تي تشدد جو ڪيس داخل ڪري 3 سي ٽي ڊي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار اهلڪارن ۾ سعادت مروت، عمران علي، پارٽي انچارج سرفراز شامل آهن، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي اعجاز شيخ جو چوڻ هو ته واقعي وقت پارٽي انچارج سرفراز موجود نه هو ۽ ڊسمس آفيسر نذير قاس به ساڻس گڏ هو، واقعي وقت 5 سپاهي به موجود هئا. برطرف ٿيل ڪانسٽيبل نذير به ملوث سي ٽي ڊي اهلڪارن ۾ شامل هو، وڌيڪ 3 ڄڻن جي گرفتاري لاءِ سي ٽي ڊي جا ڇاپا جاري آهن.