نگران حڪومت پاران گم ٿيل سرڪاري گاڏين بابت ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر ) سنڌ جي نگران سرڪار طرفان گم ٿيل سرڪاري گاڏين جي جاچ لاءَ ٽي ميمبرن تي ٻڌل  ڪميٽي قائم ڪري ورتي.ڪميٽي هڪ مهيني اندر گم ٿيل ۽ واپس نه ڪندڙ سياسي ماڻهن توڙي ڪامورن بابت جاچ رپورٽ پيش ڪندي جڏهن ته گاڏيون واپس نه ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر   داخل ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نگران سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان قائم ٽي رڪني ڪميٽي جو چيئرمين ايڊيشنل سيڪريٽري جي اي جڏهن ته ميمبرن ۾ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۽ سي ايم آئي ٽي انسپيڪشن ٽيم جو 19گريڊآفيسر ۽ سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جو سيڪشن آفيسر ٽرانسپورٽ سيڪريٽري ميمبر طور شامل هوندا، ڪميٽي غير واسطيدار ماڻهن کان طئي ڪيل ٽي او آر موجب گم ٿيل سرڪاري گاڏيون واپس ڪرائيندي. ڪميٽي 2007 کان خريد ڪيل سرڪاري گاڏين جي تفصيلن بابت ڇنڊڇاڻ ڪندي. ٻئي پاسي سيڪريٽري جي اي محمد علي کوسو روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ڪا به خبر ناهي ته سرڪاري کاتن مان ڪيتريون گاڏيون گم آهن ان جي نشاندهي لاءَ ڪميٽي قائم ڪئي آهي ڪميٽي انهن ماڻهن جي به نشاندهي ڪندي جن وٽ سرڪاري گاڏيون آهن ۽ واپس نٿا ڪن انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.