ڪاميابين ۽ تڪرارن سان ڀرپور زندگيءَ جو خاتمو، هنري ڪسنجر لاڏاڻو ڪري ويو

واشنٽگن (ويب ڊيسڪ ) نوبيل انعام ماڻيندڙ، انتهائي تڪراري پر احترام جوڳن سفيرن منجهان هڪ اڳوڻو پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر سئو ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، هنري ڪسنجر آمريڪي رياست ڪنڪٽيڪٽ ۾ پنهنجي رهائش گاهه ۾ آخري ساهه کنيو، هو حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن به متحرڪ رهيو.

هنري ڪسنجر 100 سالن جي ڄمار ۾ به وائٽ هائوس جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو هو، هن ڪيئي ڪتاب لکيا جن ۾ سفارتڪاري ۽ قيادت بابت غيرمعمولي معاملا بحث هيٺ آندا ويا.

هلندڙ سال هن بيجنگ جو غيرمعمولي دورو پڻ ڪيو هو جتي هن چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي.

هنري ڪسنجر 1970ع ۾ صدر رچرڊ نڪسن جي دور ۾ پرڏيهي وزير بڻايو ويو، هن ان وقت چين جو دورو ڪيو جنهن کانپوءِ چين-آمريڪا لاڳاپا بحال ٿيا.

هنري جي مدد سان آمريڪا ۽ روس وچ ۾ هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڳالهه ٻول ممڪن ٿي، ان کانسواءِ هن اسرائيل جي عرب ملڪن سان لاڳاپن جي بحالي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هنري پئرس امن معاهدي ۾ به ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته هو ڊگهي عرصي کان آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو حصو نه هئڻ باوجود ان پاليسي تي ڪنهن ڪنهن طرح پنهنجا اثر ڇڏيندو رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.