ڪراچي: نشائي مڙس مبينا طور زال ۽ ٽن ٻارن کي ماري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ عورت ۽ سندس ٽن ٻارن کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب قتل جو اهو واقعو گلستان جوهر ۾ پيش آيو، جتي عورت ۽ ان جي ٽن ٻارن کي بي دردي سان گهر ۾ ئي قتل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته واردات ۾ مبينا طور عورت جو مڙس ئي ملوث آهي، قتل جو ڪيس سهري جي فرياد تي داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب جوابدار نشي جو عادي آهي، جيڪو 5 سالن کان ڪرسٽل جو نشو ڪري رهيو آهي ۽ ان جي بيانن ۾ به تضاد آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ناهي آيو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.