آصف علي زرداري پڳ لاهي بلاول کي پارائي ڇڏي

ڪوئيٽا ۾ پيپلزپارٽي جو يوم تاسيس جو جلسو ٿيو جتي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري شريڪ ٿيا ۽ ٻنهي خطاب به ڪيو.

آصف علي زرداري پنهنجي مختصر خطاب ۾ اهو ٻڌايو هاڻي بلاول کي اهو سکڻو آهي جيڪو اسان سکيو، اسان کي بلاول جي تربيت ڪرڻي آهي، ان لاءِ بلاول کي سپورٽ ڪريو.

جلسي دوران آصف علي زرداري کي بلوچي پٽڪو پهريل جيڪو هن لاهي بلاول کي پارائي ڇڏيو.

آصف علي زرداري ظاهري طور هاڻي بلاول ڀٽو زرداري کي پڳ پارائي اهو تاثر ڏئي رهيو آهي هاڻي سياست جو پڳدار بلاول ڀٽو زرداري هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.