ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي هڪ نئين ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي، ن ليگ ناڪام ٿي چڪي آهي، اهي سياست جا شوباز آهن.
پ پ جي يوم تاسيس جي موقعي تي ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري ته ملڪ جو 70 سيڪڙو طبقو نوجوانن تي ٻڌل آهي، مان به نوجوان آهيان، نوجوانن جي نمائندگي ڪو ڪرڪيٽر نه مان ڪندس.
هن چيو ته آصف زرداري صدارت جو عهدو سنڀالي نفرت، انا، ورهاست ۽ انتقام جي سياست کي دفن ڪري هڪ نئين تاريخ لکي، هن ميڊيا جي ڪردار ڪشي برداشت ڪئي، ڪڏهن ميمو گيٽ ۾ ڪو ڪارو ڪوٽ پائي ويندو هو ته ڪو يوٿ جو نمائندو بڻجي سامهون ايندو هو.
سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه ماڻهو چارٽر آف اڪانامي جي ڳالهه ڪن ٿا، پ پ نئون چارٽر آف اڪانامي آڻيندي، اسان کي هڪ نئين ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي، گذريل حڪومت ۾ ن ليگ وٽ ناڻي واري وزارت هئي، اها فيل ٿي چڪي، سڄي ملڪ ۾ انهن کي مهانگائي ليگ سڏيو پيو وڃي، عوام کي خبر آهي ته اهي سياست جا شوباز آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو مخالف ڪو سياستدان نه پر غربت ۽ مهانگائي آهي، معاشي حالتون اڳ ڪڏهن ايتريون خراب نه هيون جيتريون هاڻ آهن، نوجوان نفرت، ورهاست، انتقام جهڙي سياست کي دفن ڪندا، پاڪستان کي هڪ نئين سوچ ۽ نئين سياست جي ضرورت آهي، پ پ نئين سياست شروع ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن عوام هن مهانگائي جو مقابلو ڪري سگهي.
ن ليگ وارا شوباز آهن، نوجوانن جي نمائندگي ڪو ڪرڪيٽر نه مان ڪندس: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like