نادرا جو انوکو ڪارنامو، نوجوان جون 3 مائرون ڄاڻائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا انوکو ڪارنامو انجام ڏيندي هڪ نوجوان جون 3 مائرون ڄاڻائي ڇڏيون.
عمر رضا نالي نوجوان جي ماءُ نادرا خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي، جنهن چيو آهي ته نادرا رڪارڊ موجب منهنجي 17 ورهين جي پٽ جون 3 مائرون آهن.
درخواستگذار جي وڪيل ناصر احمد چيو ته نوجوان عمر رضا جي والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي، رڪارڊ ۾ هڪ جاءِ تي عمر رضا جي ڏاڏي سندس ماءُ آهي، ٻي جاءِ تي ويڳي ماءُ کي ماءُ ڏيکاريو ويو آهي.
وڪيل چيو ته نادرا رڪارڊ ۾ غلطي سبب نوجوان کي مستقبل ۾ مسئلا پيش اچي سگهن ٿا، تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ٿي سگهي ٿي.
عمر رضا جي سڳي ماءُ صدف جي درخواست تي عدالت نوٽيس جاري ڪندي نادرا کان جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.