شان مسعود جا وارا نيارا، ٽيسٽ ڪپتاني کانپوءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ به ترقي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ اپ گريڊ ڪندي کيس ڊي مان بي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي اهو فيصلو پنهنجي ان پاليسي تحت ڪيو آهي ته جيڪڏهن سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪوبه رانديگر جيڪو اي يا بي ڪيٽيگري کان هيٺ آهي ۽ اهو ڪپتان ٿئي ٿو ته سندس ڪانٽريڪٽ ان وقت تائين بي ڪيٽيگري ۾ ڪيو ويندو جيستائين هو ڪپتاني ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته شان مسعود کي 15 نومبر تي ٽيم ٽيسٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو ۽ کيس آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ 25-2023ع تائين ڪپتان بڻايو ويو آهي.

ٽيهه ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ شان مسعود هن وقت تائين 1597 رنسون ٺاهي چڪو آهي ۽ ڪپتان طور سندس پهرين اسائنمينٽ آسٽريليا  ٿيندڙ ٽن ميچن جي ٽيسٽ سيريز آهي جيڪا 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.