اشيش نهرا ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ جي آڇ ٿڏي ڇڏي

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر اشيش نهرا ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪوچنگ جي آڇ ٿڏي ڇڏي.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) گذريل ڏينهن هيڊ ڪوچ راهول ڊريڊ ۽ سندس اسٽاف جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو ۽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ اشيش نهرا جي چونڊ جو فيصو ڪيو هو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڳوڻو ڪرڪيٽر اشيش نهرا اڄڪلهه  آءِ پي ايل فرنچائز گجرات ٽائٽنز جو ڪوچ آهي جنهن کي قومي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ بورڊ پاران آڇ ڪئي وئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي.

ميڊيا رپورٽن موجب، اشيش نهرا آءِ پي ايل فرنچائز سان ڪمٽمينٽ سبب قومي ٽيم جي ڪوچنگ کان انڪار ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اشيش نهرا ڪڏهن به ڀارتي ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻجن جي خواهش جو اظهار ناهي ڪيو سندس گجرات ٽائٽنز سان 2025 تائين جو معاهدو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.