پي ٽي آءِ ڪيسن ۽ گرفتارين بابت چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪيسن ۽ سياسي سرگرمين بابت چيف جسٽس پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو.

پي ٽي آءِ طرفان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڏانهن لکيل خط ۾ ڪيسن جو حوالو به ڏنو ويو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف کي ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرمين جي اجازت نه آهي، پي ٽي آءِ کي آزاداڻي سياسي سرگرمين جي اجازت نه پئي ڏني وڃي تنهنڪري اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪيو وڃي ته هو پي ٽي آءِ لاءِ برابري جي سطح تي مهم هلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪيون پيون وڃن، صحافين کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ چونڊ مهم ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، عدليا جي حڪمن باوجود اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

خط ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي سياسي همدرديون تبديل ڪرايون پيون وڃن، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي زبردستي پريس ڪانفرنس ڪرائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.