ملڪ جا نوجوان هاڻي پ پ سان گڏ ميدان ۾ آهن، اسان جي سوڀ يقيني آهي: بلاول

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي رڳو پارٽي نه پر هڪ تحريڪ آهي، هو باني چيئرمين شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نامڪمل مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيپلز پارٽي جي 56هين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو جي ويجن تي عمل ڪندي کين هڪ خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان اڏڻو آهي، هڪ اهڙو پاڪستان جنهن ۾ سڀني جي حقن ۽ مفادن جو هڪجهڙو خيال رکيو وڃي.

هن لکيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو ملڪ ۾ آمريت، مرڪزيت پسند سوچ ۽ انتهاپسندي خلاف سڄي زندگي مزاحمت ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو عوام جي بنيادي حقن جي حفاظت ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي.

هن چيو ته بلوچستان جي حقن جي شروعات، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ پاڪستان کپي به آصف علي زرداري جي ويجن جا قدم آهن، هو صدر زرداري جي ويزن کي اڳتي کڻي هلندا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن هر جيالي لاءِ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي 22 ڪروڙ عوام جي مهانگائي کان ڇوٽڪاري، بيروزگاري ۽ غربت جي زنجيرن کان آزادي جي ضمانت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته  سندن حوصلا بلند آهن، پيپلز پارٽي جي سوڀ يقيني آهي ڇو ته ملڪ جا نوجوان هاڻي پ پ سان گڏ ميدان ۾ ڄمي بيٺل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.