وفاقي ڪابينا سائفر ڪيس جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ئي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي ڪابينا سائفر ڪيس جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڪابينا ميمبرن کان سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت ٻين جوابدارن خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت اڊيالا جيل ۾ ئي ٽرائل ٿيندو.

ذريعن موجب، خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا کان سائفر ڪيس جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ورتي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جيل ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي سرڪار سائفر ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس لاءِ عدالتن جي قيام جي قانوني گهرجون پوريون ڪري ورتيون آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪابينا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ القادر ٽرسٽ ڪيس جو ٽرائل به جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.