اهي عادتون جيڪي يادداشت کي ڪمزور بڻائين ٿيون

ڇا اوهان اڪثر ڳالهيون يا شيون رکي وساري ڇڏيندا آهيو؟ ته ٿي سگهي ٿو ته ان جو سبب اوهان جي ئي هڪ عادت هجي.
جي ها اڪثر فڪرمند رهڻ يادداشت جي ڪمزوري جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
اها دعويٰ برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
امپريئل ڪاليج لنڊن جي ان تحقيق ۾ اهو جائزو ورتو ويو هو ته گھڻو ڪري پريشان يا فڪرمند رهندڙ ماڻهن جي يادداشت ڪيئن هوندي آهي.
ان مقصد لاءِ ماڻحن کان سروي ڪري ڄاڻيو ويو ته کين زندگي جا مختلف واقعا ڪيتري حد تائين ياد آهن ۽ پوءِ ان جي ڀيٽ 5 شخصي خاصيتن جهڙوڪ ڪنهن ناڪاري واقعي تي ردعمل ظاهر ڪرڻ، ٻاهرين دنيا ۾ دلچسپي، صاف ڳالهائڻ، حالتن سان هڪجهڙائي ۽ شعوري آگاهي سان ڪئي وئي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته مخصوص شخصي خاصيتون ماڻهو جي يادداشت تي اثرانداز ٿين ٿيون.
تحقيق موجب جيڪي ماڻهو گھڻو فڪرمند ۽ چڙ چڙا رهندا آهن اهي يادداشت جي ٽيسٽن ۾ بدترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن.
محقنن ٻڌايو ته ناڪاري واقعي تي ردعمل ظاهر ڪرڻ کي گھڻو ڪري نفسياتي مسئلن سان سلهاڙيو ويندو آهي، جنهن سان امڪاني طور تي يادداشت تي به ناڪاري اثر پوندا آهن.
اهڙيءَ طرح سان هڪ جهڙائي پيدا ڪندڙ خاصيت کي به يادداشت جي ڪمزوري سان سلهاڙيو ڪيو ويو پر محققن موجب اڃا ان جو سبب واضح ناهي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جيڪي ماڻهو صاف ڳالهه ڪندا آهن يا معمولن کان هٽي ڪري شين ۾ دلچسپي محسوس ڪندا آهن، انهن جي يادداشت به بهتر هوندي آهي.
محققن جي خيال ۾ دماغ ۽ جسم متحرڪ ڪندڙ سرگرمين سان وقت گذارڻ سان يادداشت کي فائدو ٿيندو آهي.
اهڙن ماڻهن جي دماغ ۽ جسم ۾ ورم جي شرح به گھٽ هوندي آهي جنهن سان به يادداشت کي فائدو ٿيندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل پرسنلٽي اينڊ Individual Differences ۾ ڇپيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.